بلاول ڀٽو ڪراچي واري جلسي ۾ نواز شريف کي تقرير ڪرڻ جي اجازت نه ڏني: فياض الحسن چوهاڻ

لاهور : پنجاب جي سُڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو ڪراچي واري جلسي ۾ نواز شريف کي تقرير ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، پي ڊي ايم اندروني طور اختلافن جي ور چڙهي وئي آهي، رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري تي ردعمل ظاهر ڪندي فياض چوهاڻ چيو ته سعيد غني ٻڌائي ته ڇا رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کي قنڌار جي پوليس گرفتار ڪيو آهي، پيپلز پارٽي هاڻي مريم نواز کي به گرفتار ڪري ۽ سينو تاڻي ڪريڊٽ کڻي، مريم نواز کي مزارِ قائد ۾ پنهنجي ڦرلٽ تي معافي وٺڻ گهرجي ها، اُن جي ابتڙ مزارِ قائد جو تقدس پائمال ڪيو ويو.