بلاول ڀٽو صاحب صوبائي حڪومت کي ڪڏهن لَت هڻي ختم ٿا ڪريو: شهباز گل

اسلام آباد : وزيراعظم جو خصوصي معاون شهباز گل سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي پ پ چيئرمين کي چيو آهي ته بلاول ڀٽو صاحب هاڻي سنڌ حڪومت جي قانوني حيثيت جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي، صوبائي حڪومت کي ڪڏهن لَت هڻي ختم ٿا ڪريو؟ هن چيو ته سُپريم ڪورٽ جي ريمارڪس کانپوءِ سنڌ حڪومت جي قانوني حيثيت ختم ٿي وئي آهي. شهباز گل چيو ته عدالت جڏهن نيب جي باري ۾ ريمارڪس ڏنا هئا ته بلاول ڀٽو فوري طور باجو کڻي نڪري پيو هو.