بلاول ڀٽو جي يو آءِ جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي ڪارڪنن کان راءِ گهري ورتي

ملتان: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي ڪارڪنن کان راءِ گهري ورتي.ملتان جي بلاول هائوس ۾ پارٽي اجلاس کي خطاب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته مولانا فضل الرحمان جي مطالبن جي حمايت ڪريون ٿا، سنڌ کان اسلام آباد تائين آزادي مارچ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي بلاول ڀٽو ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي ڪارڪنن کان راءِ گهري، جنهن تي ڪارڪنن راءِ ڏني ته پيپلزپارٽي کي ڪنهن جي ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته پ پ حڪمرانن جي خلاف جڏهن به نڪتي آهي، اڪيلي نڪتي آهي ۽ پيپلزپارٽي پاڻ ئي حڪومت ڪيرائڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ڪارڪنن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي کي ڪنهن جي ڪلهن تي سوار نه ٿيڻ گهرجي.ڪارڪنن جي راءِ تي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڪارڪنن جي راءِ جو احترام ڪريان ٿو ۽ ڪارڪنن جي راءِ کي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) ۽ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ رکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده ملڪي حالتن جي پيش نظر بهتر فيصلو سي اي سي ۽ ڪور ڪميٽي ڪندي.