بلاول ڀٽو جي اختر مينگل سان ملاقات، ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو مشن چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان نيشنل پارٽي جي صدر اختر مينگل سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ملڪ  جي سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.بلاول ڀٽو زرداري ۽ سردار اختر مينگل جي وچ ۾ ملاقات زرداري هائوس ۾ ٿي. ان موقعي تي آغا حسن، مير حمل ڪلمتي، فرحت الله بابر، نيئر بخاري ۽ مصطفيٰ نواز کوکر به موجود هئا.ملاقات دوران ملڪ جي مختلف مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا.