بلاول زرداري 27 ڊسمبر لياقت باغ ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مظفر آباد :- پ پ چيئرمين شهيد بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش بدران سندس شهادت واري جاءِ لياقت باغ راولپنڊي ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙو اعلان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو مظفر آباد ۾ پارٽي جي يومِ تاسيس جي حوالي سان جلسي کي خطاب دوران ڪيو. سندس چوڻ هو ته هن ڀيري 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسو ڪيو ويندو، جتي کيس شهيد ڪيو ويو هو. بلاول ڀٽو چيو ته هن ڀيري پيپلز پارٽي اُتي جلسو ڪندس، جتي ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ راولپنڊي ۾ جلسي ذريعي اهو علم ٻيهر بلند ڪيو ويندو، جيڪو 12 سال اڳ ڪري پيو هو. هن چيو ته لياقت باغ ۾ جلسو ڪري نه رڳو شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪنداسين پر عوام ۽ جمهوريت دشمنن قوتن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏينداسين. آرمي چيف جو مامرو هاڻي پارليامينٽ ۾ ايندوجلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو مامرو هاڻي پارليامينٽ ۾ ايندو، جيڪي حڪمران هڪ سال دوران هڪ به قانون پاس نه ڪرائي سگهيا ۽ جِن کان هڪ نوٽيفڪيشن به نه ٺهي سگهيو، اُهي ڪيئن قانونسازي ڪندا ۽ 6 مهينن دوران پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهندا. بلاول ڀٽو زرداري جلسي ۾ خطاب دوران پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته نالائق حڪومت سي پيڪ رٿا کي به تڪراري بڻائي ڇڏي وآهي، پر وزيراعظم ٻڌي ڇڏي ته سي پيڪ کي تڪراري ٿيڻ نه ڏنو ويندو، پيپلز پارٽي خطي ۾ امن چاهي ٿي پر ڪشميرين جي قيمت تي ڪنهن به صورت ۾ امن نٿا چاهيون. اسان کي موجوده حڪمرانن مان جان ڇڏائڻي آهي.