بلاول زرداري سڀاڻي سکر ۾ مهانگائيءَ خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو

سکر :-  پ پ چيئرمين بلاول زرداري سڀاڻي سکر ۾ مهانگائيءَ خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پارٽي هاڻي شروع ٿي آهي. سکر ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته شاهنواز ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو عوام لاءِ پنهنجي جانين جي قرباني ڏني، آصف زرداري عوام خاطر کلندي کلندي جيل هليو ويو، فريال ٽالپر به قرباني ڏني آهي. آئين خاطر شهيد ذوالفقار ڀٽو ڦاهيءَ تي چڙهي ويو. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته هن وقت هر پاسي کان جمهوريت ۽ آئين تي حملا ٿي رهيا آهن، جيالن کي هڪ ڀيرو ٻيهر آئين ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هي سمجهن ٿا ته جيل موڪليندا ته ڊڄي وينداسين، توهان سڄي خاندان ۽ پارٽي کي جيل موڪلي ڇڏيو پر آئين جي تحفظ کان پوئتي نه هٽنداسين. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جيڪو دعوائون ڪندو هو ته خيرات نه گهرنداسين، اُن آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪري معاشي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. بجيٽ ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي ڇوٽ ڏني وئي ۽ عوام تي مهانگائيءَ جو بار وڌو ويو، بجيٽ ۾ هڪ نوڪري جو به اعلان ناهي، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ وارو واعدو ڪوڙو ثابت ٿيو. هُن چيو ته هڪ عمران خان جي ڪري فوج کي تڪراري ڇو بڻايو پيو وڃي؟ فوج کي پولنگ اسٽيشنز ۾ بيهارڻ جو مطلب اداري کي تڪراري بڻائڻ آهي، فاٽا ۾ فوج کي پولنگ اسٽيشنز ۾ نه بيهارڻ وارو فيصلو سٺو سنئوڻ آهي، اُميد آهي ته گهوٽڪي جي چونڊن ۾ به فوج کي پولنگ اسٽيشنز کان پري رکيو ويندو. ڪنوينشن کي خطاب دوران بلاول ڀٽو چيو ته سموري ملڪن ۾ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺائينداسين، هو سمجهن ٿا ته پارٽي ختم ٿي وئي، کين خبر ناهي ته پارٽي هاڻ شروع ٿي آهي. اُن موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي سکر ۾ مهانگائيءَ خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته سکر کان پنجاب جي سرحد تائين ريلي وٺي ويندس.