برک ڪهاڻيڪار ۽ اديب حميد سنڌي لاڏاڻو ڪري ويو،ادبي حلقا سوڳوار

نوشهروفيروز/حيدرآباد :- سنڌي ٻولي جي برک ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر حميد سنڌ کي گذريل رات جو دير سان قاسم آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي اچانڪ دل جو دورو پيو، جنهن کي وارثن کڻائي حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ پهچايو، جتي 80 ورهين جي ڄمار ۾ حميد سنڌي جي ساهه جو سڳو هميشه لاءِ ٽٽي پيو،جنهن بعد نامور اديب حميد سنڌي جو مڙهه ايمبولينس ذريعي اسپتال مان کڻائي قاسم آباد واري گهر نيو ويو، حميد سنڌي جي لاڏاڻي جي خبر تي سموري سنڌ سوڳوار بڻجي وئي، سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ تعليمدانن ۾ ڏک جي لهر ڊوڙي وئي آهي، لاڏاڻي جي خبر پوندي ئي اديب نصير مرزا، تاج جويو، قاضي خادم، موهن مدهوش، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر علي اڪبر هنڱورجو، عنايت بلوچ، محمود مغل،  ادريس جتوئي، سليم چنا، واحد ڪانڌڙو، فهيم نوناري، غلام مصطفيٰ سولنگي، غلام حسين خاصخيلي، اڪرم بجاراڻي، ايڊووڪيٽ سليمان ڏاهري، احسان علي شاهه هاشمي، قاضي منظر حيات، حفيظ قريشي، منصور قادر جوڻيجو،نياز وگهيو، جاني خاصخيلي، محبوب ڀٽي، علي نواز پلي، چيتن ميگهواڙ، دريا خان پيرزادو، طالب ڀنڀرو، مير حسن راڄڙ سميت ٻين اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ مٽن مائٽن سميت دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن مرحوم جي مڙهه تي اجرڪ وجهي کيس سڏڪن ۽ لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪندي آخري ديدار ڪيو، جنهن بعد مرحوم جو مڙهه تدفين لاءِ ايمبولينس ذريعي حيدرآباد کان سندس اباڻي شهر نوشهروفيروز نيو ويو، جڏهن ته رستي ۾ سڪرنڊ جي اديبن ماڻڪ ملاح،  علي نواز ڏاهري،  حنيف سومرو، قاضي احمد ۾ معشوق ڌاريجو ۽ ٻين شاعرن مرحوم جي مڙهه تي گلن جي ورکا ڪري سندس آخري ديدار ڪيو، جڏهن ته موري ۾ لطيف راشد مورائي، اسد سولنگي، رضا لانگاهه، محبتي ملاح ۽ ٻين حميد سنڌي جي مڙهه جو آخري ديدار ڪيو، مرحوم سوڳوارن ۾ هڪ پٽ ارشد حميد، ڀاءُ شمس الحق ميمڻ،  هڪ بيواهه، 2 نياڻيون، پوٽو سلمان ارشد، مٽن مائٽن سميت ادب ۽ ٻولي سان چاهه رکندڙن کي پٺيان ڇڏيو آهي، هوڏانهن بزم روح رهاڻ جي سيڪريٽري واحد ڪانڌڙي پاران جاري ڪيل بيان مطابق بزم روح رهاڻ سنڌ پاران بزم روح رهاڻ جي باني حميد سنڌي جي لاڏاڻي تي 40 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي پاران دانشور ۽ اديب منصور قادر جوڻيجو سان سان رٿيل رهاڻ جو پروگرام حميد سنڌي جي وڇوڙي جي سوڳ ۾ ملتوي ڪيو ويو آهي.سنڌي ٻولي جي نامور اديب حميد سنڌي جي لاڏاڻي تي ساستدانن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار ڪندي سندس وڇوڙي کي سنڌي ادب لاءِ تمام وڏو نقصان قرار ڏنو آهي، حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون، جنرل سيڪريٽري محمد حسين خان، ظفر هڪڙو، فهيم ٻٻر، سينيئر صحافين نياز وگهيو، اعجاز لغاري، فاضل چنا، عارف ڀٽي، جاني خاصخيلي، سماجي اڳواڻ جاويد سوز هالائي، پنهل ساريو، پروفيسر زوار شاهه نقوي ۽ ٻين نامور ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ پونيئرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حميد سنڌي جو وڇوڙو سنڌي ٻولي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي.سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل سنڌي ٻولي جي نامياري برک عالم۽ اديب حميد سنڌي جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته حميد سنڌي سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم تي وڏو ڪم ڪيو سندس خدمتون سنڌي تاريخ ۾ سونهرن اکرن ۾ لکيون وينديون. ثقافت کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجي حميد سنڌي جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته حميد سنڌي، سنڌي نثر جي آسمان تي روشن ستارو هو، هو هڪ ئي وقت عالم، اديب ۽ تعليمدان به رهيو گڏوگڏ ادارا ساز شخصيت هو، هن چيو ته چاچا حميد سنڌي سان اسان جو گهريلو تعلق رهيو سندس وڇوڙي تي دلي صدمو پهتو آهي.سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران برک ڪهاڻيڪار، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي آفيسر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اڳوڻي وائيس چانسلر حميد سنڌيءَ جي وفات تي گهري ڏک جو اظهارڪندي چيو آهي ته حميد سنڌي منفرد ليکڪ، بهترين ايڊمنسٽريٽر ۽ بهترين شخصيت جو مالڪ هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيسر جي حيثيت ۾ هن مختلف اهم انتظامي عهدن تي رهي يونيورسٽيءَ جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو.