برطانيه ۾ ٽن ملڪيتن جو اصل مالڪ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آهي : اٽارني جنرل انور منصور

اسلام آباد :- اٽارني جنرل انور منصور خان سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو آهي ته برطانيه ۾ ملڪيتن جو مالڪ جسٽس فائز آهي ۽ سندس ٻار ان جا بي ناميدار آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز جي خلاف ريفرنس جي حوالي سان اٽارني جنرل انور منصور خان پنهنجو جواب جمع ڪرايو. اٽارني جنرل چيو ته برطانيه ۾ ٽن ملڪيتن جو اصل مالڪ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آهي ۽ سندس ٻار ان جا بينامي دار آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ملڪيتون خريد ڪرڻ جا ذريعا نه پيو ٻڌائي.

اٽارني جنرل چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا الزام محض مفروضن تي ٻڌل آهن ان جي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي. جڏهن ته بطور اٽارني جنرل سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي معاونت ڪرڻ منهنجي آئيني ذميواري آهي.

اٽارني جنرل چيو ته احتساب کان ڪنهن کي به ڇوٽ حاصل ناهي. احتساب ۽ شفافيت جمهوريت جو حصو آهي. اٽارني جنرل وڌيڪ چيو ته قانون واري وزير فروغ نسيم جو بار ڪائونسل ۾ چيڪ ورهائڻ غلط ناهي جڏهن ته صدر ۽ وزيراعظم کي پنهنجي ذميوارين تي آرٽيڪل 248 جي ڇوٽ حاصل آهي.