برطانيا پاڪستان کي 27 لک 70 هزار پائونڊ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:- برطانيا طرفان ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي 26 لک 70 هزار پائونڊ جي امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي.پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر سچن ٽرنر اردو ٻولي ۾ ويڊيو بيان ڏيندي چيو ته هن وقت هڪ غير معمولي صورتحال آهي، ۽ سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو ڪورونا مان متاثر ٿي چڪا آهن، انهيءَ غير معمولي صورتحال جي ڪري اسان پنهنجي ورتاءَ ۾ تبديلي آڻي رهيا آهيون.پاڪستان جي لاءِ امدادي رقم جو اعلان ڪندي برطانوي هاءِ ڪمشنر جو چوڻ هو ته ڏکئي وقت ۾ دوست ئي اسان جو ساٿ ڏيندا آهن، سماجي فاصلا هئڻ جي باوجود اسان گڏ آهيون، مون کي يقين آهي ته پاڪستان ڪورونا جهڙي مسئلي کان ٻاهر نڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ برطانيا طرفان مالي مدد سان پاڪستان کي ڪورونا سان وڙهڻ مدد ملندي.