برطانيا طرفان سکر بئراج جي مرمتي ڪم ۾ سهڪار جي خاطري

ڪراچي :-سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئون چونڊيل برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر (Christian Turner) سان پنهنجي پهرين ملاقات ۾ ڪشمير واري مسئلي کي کنيو ۽ ان تي زور ڏنو ته اهي مقبوضه وادي جي عوام تي ظلم روڪڻ لاءِ هندستاني حڪومت کي مجبور ڪري. وڏي وزير چيو ته هندستاني حڪومت ڪشميري عوام خلاف رياستي دهشتگردي کي هٿي ڏني آهي ۽ مسلمانن خلاف کين نفرت جو اندازو پنهنجي سٽيزن (ترميمي) بل 2019 کان لڳائي سگهجي ٿو جنهن موجب سواءِ مسلمانن جي سمورا غير ملڪي کين قبول هئا. هن چيو ته هاڻي هندستاني اختيارين ڪشمير ۾ قتل عام ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي خاص حيثيت واپس وٺي مقبوضه رياست (ڪشمير) کي پاڻ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي جيڪو گڏيل قومن جي قراردادن جي سراسر بڃڪڙي آهي.  وڏي وزير گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ انساني حقن جي پرڏيهي رکوالن تي زور ڀريو ته اهي ڪشمير جي مظلوم عوام جي آواز بڻجن  ۽ کين هندوستاني رياست جي چنگل ۽ قتل عام کان آزاد ڪرائي. اجلاس ۾ ڊپٽي برٽش هاءِ ڪمشنر مسٽر مائيڪ نيٿاويرياڪس، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هن تعليم ۽ صحت جي شعبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ برطانوي حڪومت سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند آهي. وڏي وزير چيو ته استادن جي سکيا وارو پروگرام، جديد ترين تدريسي طريقن کي اپنائڻ ۽ درسي ڪتابن جي بهتري اهي اهم شعبا آهن جنهن ۾ برطانوي ۽ سنڌ حڪومت گڏجي ڪم ڪري سگهي ٿي.  دورو ڪندڙ برطانوي وفد وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته کيس حڪومت تعليم جي شعبي ۾ سنڌ جي ڀرپور حمايت ڪندي ۽ صحت جي شعبي ۾ پڻ سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين. وڏي وزير برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته برطانوي حڪومت سکر بيراج تعمير ڪيو هو جيڪو سنه 1923 ۾ دنيا جو هڪ خوبصورت ۽ بهترين بيراج هو، هاڻي ان کي وڏي پيماني تي مرمت ۽ بحالي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي خوشي ٿيندي ته برطانوي حڪومت يا ڪابه برطانوي خانگي ڪمپني بيراج جي بحالي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندي. برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر وڏي وزير کي پڪ ڏياري ته هو سکر بيراج واري معاملي ۾ صوبائي حڪومت جي حمايت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو. ان کان علاوه مڪنسي اينڊ ڪمپني جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مسٽر اوز گورتينرڪولو جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ استادن جي صلاحيتن، درسي ڪتابن جي بهتري ۽ اسپتال انتظاميا جي عملي جي صلاحيتن جي تعمير ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وڏي وزير ۽ ڪمپني گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جنهن لاءِ هن تعليم ۽ صحت جي کاتن کي کين گڏجي لاڳاپيل شعبن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ هڪ تفصيلي پروگرام تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پڻ اجلاس ۾ موجود هئي جنهن اسپتال انتظاميا جي عملي جي سکيا ۽ صلاحيتن لاءِ ايندڙ وفد سان هڪ الڳ ملاقات پڻ طئي ڪئي.