عراق ۾ آمريڪي فوج تي ايراني حملو انتهائي لاپرواهي ۽ خطرناڪ هو، ٻنهي ملڪن کي فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ گهرجي : برطانوي وزيراعظم

لنڊن:-  برطانوي وزيراعظم بورس جانسن آمريڪي حملي ۾ ايراني جنرل قاسم سليماني جي موت کي درست قرار ڏيندي چيو آهي ته سليماني جا هٿ برطانوي فوجين جي رت سان رڱيل هئا.برطانوي دارلعوام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بورس جانسن تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي پنهنجي اتحادي ملڪ آمريڪا جي حمايت ڪئي ۽ قاسم سليماني تي حملي کي درست قرار ڏنو، جڏهن ته ان موقعي تي برطانوي وزيراعظم ميمبرز کي ٻڌايو ته سليماني جي قتل کانپوءِ ايران جي عراق ۾ ميزائل حملن ۾ ڪو به برطانوي زخمي نه ٿيو هو. هُن جو چوڻ هو ته برطانيه اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي جنهن سان خطي ۾ برطانوي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي. بورس جانسن جو چوڻ هو ته عراق ۾ آمريڪي فوج تي ايراني حملو انتهائي لاپرواهي ۽ خطرناڪ هو، ايران کي هاڻ اهڙي لاپرواهي ۽ خطرناڪ حملو ورجائڻ نه گهرجي ۽ ٻنهي ملڪن کي فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ گهرجي، برطانوي وزيراعظم الزام لڳايو ته جنرل قاسم سليماني يمن ۽ ايران جي حمايت يافته حوثين جي تحريڪ ۽ حزب الله کي هٿياربند ڪرڻ ۾ ملوث هو.هن وڌيڪ چيو ته  جنرل سليماني شام جي صدر بشار الاسد جي حڪومت جي به معاونت ڪئي جنهن جو برطانوي فوجين تي حملي ۾ ڪردار آهي. هن چيو ته انتهائي ذميوار ماڻهو هي قبول ڪندا ته آمريڪا کي پنهنجي فوجي اڏن ۽ ماڻهن جي تحفظ جو اختيار حاصل آهي.