برطانوي شاهي جوڙو 5 ڏينهن جي دؤري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد : برطانوي شاهي جوڙو شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ ميڊلٽن 5 ڏينهن جي دؤري تي پاڪستان پهچي ويو. نور خان ايئر بيس پهچڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ سندس گهر واري معزز مهمانن جي آجيان ڪئي. برطانوي شاهي جوڙي لاءِ ريڊ ڪار پيڊ وِڇايو ويو ۽ ننڍڙن ٻارڙن گلدستا پيش ڪيا. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو به ان موقعي تي موجود هو. شاهي جوڙو لاهور، اسلام آباد ۽ اترين علائقن جا دؤرا ڪندو. شاهي جوڙو اهم تاريخي ۽ تفريحي ماڳ به گهمندو. ان کان اڳ پي ٽي وي سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته شاهي جوڙي جي ملڪ ۾ آمد سان عالمي سطح تي پاڪستان جو هاڪاري ۽ پُرامن چهرو اُڀري سامهون ايندو. هن چيو ته برطانوي شاهي جوڙي جو پاڪستان جو دؤرو تاريخي اهميت وارو آهي. شاهي جوڙي جي پاڪستان آمد سان برطانيه ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفا ناتا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. واضح رهي ته شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ ميڊلٽن جو پاڪستان جو اهو پهريون دؤرو آهي.