برساتن جي ڪري سنڌ جا اڪثر صحت مرڪز پاڻي هيٺ عمارتن کي نقصان، مريضن جي صحت سنڀال جو عمل سخت متاثر: آءِ ايڇ ايس

حيدرآباد :- شديد برساتن جي ڪري سنڌ جا اڪثر ڳوٺاڻا صحت مرڪز پاڻي هيٺ اچڻ ۽ اسپتالن جي پراڻين عمارتن کي نقصان پهچڻ ڪري مريضن جي صحت سنڀال جو عمل سخت متاثر ٿيو آهي. آءِ ايڇ ايس جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر اشوٿاما رپورٽ جي حوالي سان چيو ته، صحت مرڪزن جي اهڙي گنڀير صورتحال ۾ گھربل اپائن جن ۾ رورل هيلٿ سينٽرن جي فوري بحالي، متاثر ٿيل مرڪزن جي مرمت ۽ پاڻي جي نيڪال کان سواءِ علاج جو سلسلو هڪ رسڪي عمل بڻجي ويو آهي، جنهن سان صحت جي حوالي ڪي وڌيڪ حادثا ٿي سگھن ٿا.
آءِ ايڇ ايس جي هيڊ آف آپريشن سنڌ، طاهر عباس ان صورتحال کي تشوشناڪ قرار ڏيندي چيوته هاڻوڪي رڪارڊ بارشن سان سيلاب جھڙي صورتحال زندگيءَ جي سڀني شعبن کي متاثر ڪيو آهي، پر ماڻهن جي صحت ۽ علاج لاءِ هيلٿ ڊليوري جو عمل گھڻن سببن جي ڪري رڪاوٽن ۽ ذري گھٽ مڪمل طور بيهجي ويو اهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته صوبي جي 15 کان وڌيڪ ضلعن جا 50 جي لڳ ڀڳ رورل هيلٿ سينٽر ۽ تعلقي اسپتالون پاڻي جي نيڪال جي صحيح بندوبست نه هجڻ ۽ ڊرينيج سسٽم متاثر ٿيڻ ڪري ڪٿي مڪمل طور يا ڪجهه جاين تي جزوي طور پاڻي جي گھيري ۾ آهن. جنهن سان مريضن خاص طور عورتن، ٻارن، شديد بيمار يا معذور ماڻهن کي اسپتالن پهچڻ ۾ ڏکاين کي منهن ٿو ڏيڻو پوي. ساڳئي وقت اسپتال عملي جو پهچڻ توڙي ايمبولنس سروس ان صورتحال جو شڪار آهي. طاهر عباس وڌيڪ ٻڌايو ته ٻئي طرف انهن صحت مرڪزن جي پراڻين عمارتن جي ديوارن، ڇتين، فرشن، ايڪسري روم، او پي ڊي، آپريشن ٿيٽر، ليبر روم ۽ اسپتالن جا مختلف حصا مڪمل يا جزوي طور متاثر ٿيا آهن. انهن متاثر ٿيل علائقن ۾برساتن جي مختلف موسمي بيمارين، مڇرن ، مکين، آلوده پاڻي ۽ ٻين لاڳاپيل سببن جي ڪري مريضن جي انگ ۾ تمام گھڻو واڌارو ٿيو آهي.جڏهن ته مريضن جي ان وڌندڙ تعداد جي نسبت سان گھربل دوائن، ايمرجنسي مٽيريل، ايڪسري فلمن، ليبارٽري ريجنٽس سميت مختلف طبي بندوبست ڪرڻ ۾ شديد مشڪلاتون پيش آهن. گڏ ڪيل تفصيلن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته صحت ڊليوري سان لاڳاپيل فيلڊ سرگرميون، اسپتالن جي مانيٽرنگ ۽ نگراني، دوائن جي وقت سر رسد پڻ معمول موجب ناهي پهچي سگھي. ساڳي طرح اسپتالن اندر علاج لاءِ دوائن خاص طور ليبر روم ۾ زچگي لاءِ ايندر عورتن، نون ڄمندڙ ٻارن توڙي ايمرجنسي ۾ هنگامي بندوبست وارو سلسلو تقريبن رڪجي ويو آهي. آءِ ايڇ ايس صحت مرڪزن ۾ ٿيل نقصان جا تفصيلن ۾ چيو ته ميرپور خاص ضلعي جي رورل هيلٿ سينٽر ڦلهڏيون، ميرواه گورچاڻي ۽ نئون ڪوٽ جي بلڊنگن جي ڇتن مان ليڪيج ۽ چاپڙن ڪرڻ، ديوارن، مين گيٽ ۽ اوپي ڊي جي ديوارن کي شديد نقصان ٿيو آهي. نوشهروفيروز ضلعي جي اڪثر رورل سينٽرن ۽ ڪنڊيارو تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال جي پراڻي عمارت ۾ قائم پراڻي ڪيئولٽي، آپريشن ٿيٽر، ٽراما سينٽر، ايڊمنسٽريشن بلاڪ، ٻارن جو وارڊ ۽ ايڪسري روم متاثر ٿيا آهن. ضلعي جي ٻين رورل هيلٿ سينٽرن پڊعيدن، هالاڻي، مچر، محرابپور، ٺاروشاه، سونهري فارم ۽ ٻين صحت مرڪزن جي ميڊيڪل آفيسرن جا ڪمرا، رهائشي ڪوارٽر، ايمرجنسي روم ۽ مريضن لاءِ ويٽنگ ايريا جي ديوارن ڪرڻ ، ڇتين جي وهڻ ۽ ڀتين ڊهڻ ڪري مريضن جي چڪاس وارو عمل ڏکيو ٿي پيو آهي. بدين ضلعي جا خاناڻي جت ۽ پنگريو شهر جو رورل هيلٿ سينٽر مڪمل طور پاڻي هيٺ اچڻ ۽ عمارت کي شديد نقصان پهچڻ ڪري وقتي طور اتي علاج جو سلسلو بند ڪرڻو پيو آهي. دادو ضلعي جي ڊرگھ بالا ۽ سيتا روڊ جڏهن ته شهيد بيظير آباد جا صحت مرڪز قاضي احمد، ڀريا سٽي، شاهپور جهانيا، نيو جتوئي، يار محمد جمالي ۽ تعلقي اسپتال مورو جا ٽراما سينٽر، او ٽي، مين گيٽ، بائونڊري لائين ۽ اندريان حصا بارشن جي نظر ٿي ويا آهن. ڪندڪوٽ ضلعي جو رورل هيلٿ سينتر ڪرمپور متاثر ٿيو آهي جتي ڪووڊ لاءِ ٺاهيل ائسوليسن روم جي ديوار کي نقصان پهتو آهي. ساڳي صورتحال عمر ڪوٽ ضلعي جي نبي سر روڊ، حيدر فارم ۽ ڍورونارو ۾ به ڏٺي وئي آهي، جتي جا ڊينٽل يونٽ، ايڪسري ڊارڪ روم، عورتن جا ويٽنگ ايريا ، ليبر روم ۽ اسپتال جون ٻاهريون ديوارون ڪري پيون آهن. سانگھڙ ضلعي جي رورل هيلٿ سينٽر ڪنڊياري، جھول، شاهپور چاڪر، اميد علي جوڻيجو ۽ ٻين اسپتالن مان عمارتن کي نقصان ٿيڻ جا تفصيل مليا آهن. اڪثر هيلٿ سينٽرن ۾ سالن کان پوکيل ۽ وڏي سار سنڀال ڪيل وڻ ٻوٽا ٽٽي ڪري پيا آهن. رپورٽ جي آخر ۾ رورل هيلٿ سينٽرن جي فوري بحالي، متاثر ٿيل مرڪزن جي مرمت ۽ پاڻي جي نيڪال کان سواءِ علاج جو سلسلو هڪ رسڪي عمل بڻجي ويو آهي جنهن سان صحت جي حوالي ڪي وڌيڪ حادثا ٿي سگھن ٿا