بدين ۾ ڍنڍن مان شڪار تي ٺيڪيداري نظام لاڳو ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

بدين :- فشر فوڪ فورم طرفان ڍنڍن ڍورن دريائن ء مٺن پاڻين تي قبضن خلاف ڊي سي چوڪ کان پريس ڪلب تان ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيوويو  احتجاج ڪندڙ ماھيگير عورتن.ء مرد. مطالبن جي حق ۾ نعري بازي ڪندا رھيا پريس ڪلب اڳيان ڌرڻي کي خطاب ڪندي فشر فوڪ فورم جي چيئرمن سيد  محمد علي شاھ چيو ته فشر فوڪ فورم سنڌو درياءُ جي مٺن پاڻين تي ٺيڪيداري سسٽم  يا بااثر ماڻھن جي قبضن خلاف جدوجھدون ھلايون آھن حڪو.مت ھر ڀيري ماھيگيرن جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ باوجود ماھيگيرن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران لائسنس تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي  ھن چيو تہ سنڌ م ڍنڍن ڍورن درياءُ ۽ واھن تي ڪيل قبضا ختم ڪيا وڃن ۽ ماھيگيرن کي مڇي مارڻ جي لاء لائسنس جاري ڪيا وڃن ھن چيو ته ماھيگير طبقو.ملڪ جو غريب طبقو آھي ھنن کي پنھنجي معاشي وسيلن تائين رسائي ڏني وڃي فشر فوڪ فورم هڪ ڊگھي جدوجهد ڪري 1980 ايڪٽ ختم ڪرايو اسان سنڌ جي وڏي وزير کي ياد ٿا ڏياريون ته پ پ پ ٺيڪيداري نظام جو خاتمون ڪيو ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جو فيصلو آهي ته ڍنڊن ڍورن ۽ مِٺن پاڻين تان قبضا ختم ڪرائي شگر مِلن جو زهريلو پاڻي بند ڪيو وڃي هن چيوته جيستائين مُهاڻ کي لائسنس نه ٿا ڏنا وڃن ۽ ڊي جي فشريز کي نه ٿو هٽايووڃي اسان جي احتجاج جو سلسلو جاري رهندو ان موقعي تي  عمر ملاح مٺن ملاح ساجن شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.