بدين ڀرسان ڪکاون گهرن کي باهه، ٽي معصوم ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا

 بدين :-  بدين ڀرسان پوليس پوسٽ ترائي جي حد ڳوٺ مامون نوحاڻي ۾ ننگرپارڪر جي ڳوٺ هادي گام کان سارين جي لاباري کان آيل پورهيتن جي ڪکائن جهوپڙين کي مبينا طور گهر جي چلهه مان اٿيل چڻنگ مان باهه لڳڻ کان پوءِ گهر ۾ ڪپڙي جي لوڏ ۾ ستل 3 معصوم ٻار هڪ سال جو پون پٽ هرچند ڪولهي ٻن سالن جي ريشما ڌي نانجي ڪولهي ۽ ڌرمي ڌي ڪاجو ڪولهي سڙي فوت ٿي ويون ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي سڙي فوت ٿي ويل ٻارڙن جا بدنصيب ماءُ پيءُ صبح جو سوير معصوم ٻارن کي گهرن ۾ سمهاري سارين جي لاباري لاءِ گهرن کان ٻاهر ويل هئا ته پويان افسوس ناڪ واقعو پيش آيو جڏهن ته معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ سبب سندن والدين کي بيهوشي دورا پئجي رهيا آهن.