بدين ويجهو ٻن ڪارن ۾ خوفناڪ ٽڪر: 3 نوجوان فوت

بدين : بدين ويجهو خوفناڪ حادثو، 3 ڄڻا فوت، 3 زخمي علي واھ اسٽاپ تي تلهار واسي نوجوان بدين کان واپس وڃي رهيا هئا ته سندن ڪار کي پويان ايندڙ ڪار زودار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڪلٽيون کائي کامي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 نوجوان رافع جمالي، اويس چانگ ۽ سفيان پنجابي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا ڪيف، افنان جمالي ۽ صديق ملاح زخمي ٿي پيا، جن مان ڪيف ۽ افنان کي بدين اسپتال کانپوءِ نازڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.