بدين واسڻ لمس جي شاگردياڻي کي ميهڙ واسي پي ٽي آءِ ڪارڪن سوشل ميڊيا تي بليڪ ميل ڪرڻ لڳا، شاگردياڻي جو سوشل ميڊيا تي ڏنل بيان

بدين :- بدين واسڻ لمس جي شاگردياڻي ڊاڪٽر سُمبل اختر ميمڻ جي بيان بعد يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر ساروپ ڀاٽيا جو چوڻ آهي ته 15 ڏينهن کان يونيورسٽي ۾ موڪل آهي، شاگردياڻي سان رابطو ڪري تفصيل ورتا ويا آهن، شاگردياڻي کي پهريان يونيورسٽي جي اينٽر حراسمينٽ سيل کي درخواست ڏيڻ کپي ها، پر ان باوجود کيس انصاف فراهم ڪيو ويندو. بدين واسڻ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ آخري سال ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي ڊاڪٽر سُمبل اختر ميمڻ گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي لائيو اچي شڪايت ڪئي هئي ته ميهڙ واسي پي ٽي آءِ ڪارڪن منصور حيدر ٻرڙو، محرم ۽ مسرور ٻرڙو سندس نالي تي جعلي آءِ ڊيز ٺاهي کيس بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ۽ سندس نالو استعمال ڪري تنگ ڪيو پيو وڃي. شاگردياڻي سمبل ميمڻ ايف آءِ اي عملدار طارق ارباب تي جاچ لاءِ ورتل موبائيل مان سندس تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته طارق ارباب کيس هراسان ڪندڙ جوابدار منصور ميمڻ جو ساٿاري آهي، جنهن ڊگري ڪينسل ڪرائڻ لاءِ وي سي ڊاڪٽر بيکارام سان رابطو به ڪيو هو. ڊاڪٽر سمبل چيو ته منصور ٻرڙو سان پهرين سندس دوستي هئي، اُن کانپوءِ هُن کيس بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو: لمس جي رجسٽرار ڊاڪٽر سمبل طرفان هراسمينٽ خلاف درخواست جي ترديد ڪندي چيو آهي ته کيس ميڊيا تي اچڻ کان پهرين لاڳاپيل فورم تي رابطو ڪرڻ گهرجي ها، معاملي جي جاچ ڪري شاگردياڻي سان انصاف ڪيو ويندو هن چيو ميهڙ سان واسطو رکندڙ ڄاڻايل ماڻهو بار بار دانهن باوجود نه پيا مڙن، سائبر ڪرائم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به هُن شڪايت ڪئي آهي، تنهن باوجود به ساڻس تدارڪ نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته کيس وڌيڪ تنگ ڪيو ويو ۽ ساڻس انصاف نه ڪيو ويو ته هو سنڌ جي ٻين نياڻين وانگر خودڪشي ڪري ڇڏيندي، ڇاڪاڻ ته تعليمي ادارن اندر جهڙي طرح سان نياڻين کي حراسان ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ خودڪشي جهڙا واقعا سامهون اچن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته علائقي جي چڱن مڙسن کي به معاملي بابت آگاهه ڪيو آهي پر مونسان ڪو به انصاف نه پيو ڪيو وڃي، هن وزيراعظم عمران خان، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد سميت ٻين اعليٰ عملدارن کان گهُر ڪئي آهي ته ساڻس انصاف ڪري حراسان ڪندڙ ماڻهن خلاف قدم کنيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي لمس يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر ساروپ ڀاٽيا جو چوڻ هو ته 15 ڏينهن کان يونيورسٽي ۾ موڪل آهي، وڊيو بيان جاري ڪندڙ شاگردياڻي سان رابطو ڪري سندس کان تفصيل ورتا پيا وڃن. هن چيو ته شاگردياڻي کي پهريان يونيورسٽي جي اينٽر حراسمينٽ سيل کي درخواست ڏيڻ کپي ها. تنهن باوجود شاگردياڻي کي سومر ڏهاڙي تي گهرائي سندس کان تفصيل ورتا ويندا ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي..