بحريا ٽائون ۾ جن جو نقصان ٿيو انھن ۾ قومپرستن جا عزيز بہ شامل ھئا: ناصر شاهه

سکر: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪڏهن بحريا جي حامي تہ ڪڏھن مخالف ڄاڻايو پيو وڃي. بحريا ٽائون ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو تنهن جو الزام اسان تي لڳايو ويو، پھريان اسان کي ھڪ طرف تہ ڪيو وڃي. بحريا ٽائون ۾ جن جو نقصان ٿيو انھن ۾ قومپرستن جا عزيز بہ شامل ھئا، ڪجھ ماڻھو لسانيت جو رنگ ڏئي رھيا آھن، بحريا ٽائون احتجاج ۾ پاڪستان خلاف نعرا لڳا، الطاف حسين جون تصويرون ھيون. هن چيو ته اردو ڳالھائيندڙ سنڌين مامري کي غلط رنگ ڏنو، انھن کي لسانيت پسند اِن ڪري چوندس تہ انھن اھا سوچ اڃا ناھي ڇڏي. اردو ڳالھائيندڙ سنڌي ڀائرن ٻوري بند لاشن، بلديا سانحي سميت ٻين قتل و غارت وارن واقعن جي حقيقت معلوم ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي قائد کان لاتعلقي ظاھر ڪئي ھئي، پر افسوس انھن اِھا سوچ نہ ڇڏي، اِھي اڄ بہ ان لسانيت پسند سوچ تي ئي قائم آھن. صوبائي وزير چيو ته جن قومپرستن ڀڃ ڊاھ ڪندڙن کان لاتعلقي جو اظھار ڪيو اِھو بھتر عمل آھي، بحريا ٽائون واري مامري ۾ جنھن جا ثبوت موجود آھن انھن خلاف ڪاروايون ٿينديون، ڪنھن بہ بيگناھ خلاف ڪا بہ ڪاروائي نہ ٿيندي.