بحريا ٽائون: ڪير ڪنهن جي گهيري ۾ آهي؟: ليکڪ اعجاز منگي

جبلن جي پاڇي ۾ جنت جو تصور هڪ اهڙي باهه بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ نه رڳو ملڪ رياض جي ملڪيت پر پيپلز پارٽيءَ جي سياسي ساک به سڙي رهي آهي. جنهن وقت بحريا ٽائون جو منصوبو شروع ٿيو هو، ان مهل ملڪ رياض توڙي آصف زرداريءَ جي ذهن ۾ هڪ اهڙي صاف سٿري ۽ محفوظ شهر جو تصور جڙي رهيو هو، جنهن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي دل ٻاهر نڪرڻ لاءِ نه چوي. آصف زرداري سنڌ سرڪار جي معرفت ان تصوراتي شهر جي لاءِ سرڪاري زمين ڀڳڙن مٺ تي ملڪ رياض حوالي ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي شهر لاءِ هن جيڪو بجليءَ جو پلانٽ ٺهرايو، ان تي ان دور جي نواز حڪومت اعتراض ڪيا ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت خلاف ڌرڻا لڳا. هن مهل به موٽر وي تان ايندي جيڪي ڳاڙهسري روشنين جي دنيا آباد نظر اچي ٿي، ان جي هڪ هڪ بلب جو بل آصف زرداريءَ جي اڪائونٽ ۾ ويندو آهي. جڏهن ته پاڻيءَ جي لاءِ ٻاڪاريندڙ ڪراچي شهر کي اڄ ڏينهن تائين پياسو رکي ڪينجهر ڍنڍ مان بنا ڪنهن پرواهه جي لائينون ڪڍي بحريا ٽائون کي ڏنو ويو آهي، هن حڪومت ۽ بحريا ٽائون جي انتظاميا جا ته اڃان وڏا خواب هئا. مشينري انهن وٽ پنهنجي هئي ۽ بيروزگاري جي سلسلي ۾ آخري حد کي ڇهندڙ صوبي ۾ مزدور ساڳي پگهار تي ڊبل ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار هجي ته پوءِ وڏن ولاز جي آڏو چهچ ساوا پولو گرائونڊ ٺاهڻ ڪو مسئلو به ناهي. جڏهن ته مقامي آباد لاءِ ورديءَ جو پاڇو به تمام ڀوائتو ۽ مٿان سرداري نظام ۽ سردار جي هدايت ته پوءِ مُٺي به ماٺ ته مِٺي به ماٺ! هڪ اهڙو خيال جڏهن عمل ۾ اچي رهيو هو تڏهن پهريون اعتراض ڪوهستان جي ملڪ سردار واريو ۽ جڏهن ان جو معاملو به “سيٽ” ٿي ويو ته پوءِ پڇڻ وارو ڪير هو؟ سواءِ ان سپريم ڪورٽ جي جنهن ملڪ رياض کي پئسن جي سزا ڏني. جڏهن ته ان پئسي لاءِ سنڌ جون سرڪاري زمينون مفت ۾ وڪڻندڙ سنڌ سرڪار جون دانهون آهن ته اهي پئسا اسان کي ڏنا وڃن ته جيئن کوهه جو پاڻي وري کوهه ۾ وهي ڪري.
هڪ عجيب دائرو هو. جنهن ۾ لالچ به هئي. دهشت به هئي. مايا به هئي. مزو به هو. مال به هو ۽ سنڌ جو زوال به هو. اها تباهي ترقيءَ جي نالي تي اچي رهي هئي. جيڪو اعتراض واري رهيو هو، ان کي جواب ٿي ڏنو ويو ته “توهان ترقيءَ جا مخالف آهيو” ۽ نه صرف اهو پر اردو اسپيڪنگ آباديءَ جي خلاف سنڌ پنجابي اتحاد جا سياسي دليل به پيش ڪيا ويندا هئا ۽ آخر ۾ چيو ويندو هو ته “ڪهڙو ٿو ملڪ رياض زمينون کڻي لاهور وڃي” ان تمام وڏي سازش کي ايئن نماڻائيءَ سان پيش ڪيو ويندو هو جو مخالفت ڪرڻ وارن کي پنهنجي دانائي ۽ ضمير تي شڪ ٿيڻ لڳندو هو ته ڪٿي هو پنهنجي ڪنهن داخلي احساس سبب سنڌ کي نقصان ته رسائي نه رهيا آهن؟ پر اهو سمورو هڪ منصوبو هو. چلڪڻي پنيءَ ۾ ويڙهيل زهر جهڙو منصوبو. اهو منصوبو جيڪو ايتري گهڻي مفاد تي ٻڌل هو ته ان ۾ عام ماڻهو ۽ خاص طور تي ان علائقي جو ماڻهو ته ڄڻ ڪنهن ليکي ۾ ئي نه هو. هن کان اباڻا پٽ ڇڏرائي ۽ هن کي هڪ اڌ موٽر سائيڪل ڏئي. کيس چيو ويو ته هتان اٿي جبل جي پرين پاسي رهي پئه به ته ڇا؟ جهڙو هي جبل تهڙو هو جبل. نه هتي پاڻي نه هتي پاڻي. جيڪڏهن اها سرزمين بلوچستان ۾ اچي ٿي وڃي به ته ڇا؟ اوهان کي ٻوليون ته ٻيئي ٿيون اچن. اٿڻي ويهڻي ۾ به ڪو خاص فرق ڪونهي. اهڙي طرح اصلوڪن ماڻهن کان پٽ خالي ڪرائي، انهن جي مٿان بلڊوز هلرائي محل ۽ ماڙيون ٺاهيندڙ سرڪار کان ڪو پڇڻ وارو به نه هو. ظلم جي آڏو هر ڪنهن جي زاري. جيڪو ٿورو گهڻو مڊل ڪلاس جو سنڌي حصو هو، ان کي مفاد جي “لڪڻ ۽ گجر” واري ٽرڪ سان گهمائيندو رهڻ ته ڪو مسئلو ئي نه هو. هڪ ته مفاد ۽ ٻيو ته ان مفاد کي ڍڪيندڙ اهو دليل ته سنڌ جو آخر پيپلز پارٽيءَ کان سواءِ ٻيو ڪير آهي؟ ڀلا پيپلز پارٽي نه ته پاڳارو؟ اوهان پاڻ ٻڌايو ته هي پيپلز پارٽيءَ وارا ٻه گاريون کائي به ماٺ رهندا ۽ اوهان انهن وٽ وڃو ته اوهان سان ڀاڪر پائي ملندا. پاڳارو ته پٽ تي ويهاريندو. ڪم هو به مالڪن جو ڪندو. جڏهن پاڇي ساڳي هوندي ته پوءِ پاڳاري سائين جي “جي ڊي اي” کان پنهنجي پيپلز پارٽي ڀلي.
ان وچ ۾ جيڪڏهن قومپرستن جو ذڪر اچي ته طنز واري مرڪ سان مرڪي چئجي ته اهي هاڻي ته زوال ۾ آهن پر جڏهن انهن جو ڪمال به هو ته اهي پريشر گروپ کان سواءِ ڇا هئا؟ جهڙي سٺ تهڙيون ٽي ويهان. معنيٰ حمايت پيپلز پارٽيءَ جي ڪرڻي آهي. ڪا امداد. ڪو ٺيڪو. ڪنهن ٺيڪي ۾ ڀائيواري. ڪا سفارش. ڪنهن جي داخلا. ٻيو ڪجهه به نه ته ڪنهن جو علاج. ٻه لک ڪنهن کي مليا. چار لک ڪنهن کي مليا. ڪنهن ڏهه ڪمايا. پر ٻين کي آسرو. ڪنهن کي دم، ڪنهن کي دلاسو، ڪنهن کي ڪنڊ، ڪنهن کي پاسو. ۽ پوءِ ظالم زندگيءَ جون محروميون. انهن ۾ لالچ جي لست وڌائيندڙ قصا. سائين! هاڻي فلاڻو ڇا هو؟ صرف رئيس جي نظر پيس ته هاڻي ڪراچيءَ ۾ ٽي ٽي بنگلا ۽ ٻه حيدرآباد ۾ ۽ دبئي ۾ الڳ بزنس. باڊي گارڊ ۽ ڊبل ڪيبن گاڏيون. زندگي ته اها باقي ماڻهو مانيءَ ٽڪر جي لاءِ پريشان اڳيان پاڻ پويان قرضي. سائين اها به ڪا زندگي آهي؟ اهڙي طرح هڪ اهڙو ماحول پيش ڪرڻ، جنهن ۾ چڱو خاصو ۽ پڪي پختي ايمان وارو ماڻهو به لڏي لهوارو ٿي وڃي. اها صورتحال سڀني جي سامهون هئي. مخالفن جي به ملڪ رياض جي به! دور دور تائين پيپلز پارٽيءَ جو ڪو نعم البدل ئي نه. پوءِ ڇا جو ڌڙڪو. جيئن پراڻو انڊين گانو آهي ته “ سيان بنا ڪوتوال، اب ڊر ڪا هي ڪا؟” جڏهن نامي گرامي ماڻهن جي آجيان ڪرڻ لاءِ آفيسر پاڻ ٻاهر نڪري اچن ته پوءِ ڪنهن کي کٽي کڻندي ته اهو مخالفت ڪندو. اهڙي طرح هڪ بي فڪريءَ واري ماحول ۾ ٻين منصوبن سان گڏ بحريا ٽائون وارو منصوبو به هلي رهيو هو.
اهو معاملو به تحقيق طلب آهي ته بحريا ٽائون واري باهه آخر ٻري لڳي ڪٿان ۽ ٻري ڪيئن؟ جهڙي طرح چوندا آهن ته عرب اسپرنگ تنيشيا جي هڪ ريڙهي واري کان شروع ٿيو هو، تيئن بحريا ٽائون وارو اشو ڪٿان اڀريو ۽ اهڙو اڀريو جو هاڻي چئني پاسن تي باهه ٻرڻ شروع ٿي وئي آهي. ڇو ته اهو مسئلو اتان کان جاڳيو آهي، جتي بحريا ٽائون آهي. جڏهن اتان جا ماڻهو ڏسن ٿا ته ٻن لکن ۾ انهن کان زمين وٺي ويهن ڪروڙن ۾ کپائي وڃي ٿي ته پوءِ اهو فائدو آخر هو پاڻ ڇو نه وٺن؟ جڏهن جنگل ۾ منگل جڙي ويو آهي ته پوءِ هو به صدين کان پوءِ پنهنجي اڻڀي آنڊي کي سڻڀو ڪرڻ جو حق حاصل ڪن. اهڙي طرح بحريا ٽائون جي ٽن پاسن تي نيون آباديون ۽ نوان منصوبا ٺهڻ لڳا آهن. اهي منصوبا جن ۾ اتان جي ماڻهن جو گهڻو مفاد ۽ خاص طور تي مالڪيءَ جو معاملو پڻ آهي. بحريا ٽائون ٺاهڻ ۽ وڌائڻ وارن کي اهو احساس ئي نه هو ته اهو منصوبو اڳتي هلي باقي ڳوٺن کي گهيري ۾ وٺڻ بدران پاڻ گهيري ۾ اچي ويندو. هن مهل زميني صورتحال اهڙي آهي. هڪ ته بحريا ٽائون سنڌ دشمن منصوبي طور تي ليبل ٿي چڪو آهي. اهو مونوگرام جيڪو ڪنهن وقت لئه داٻي وارو هو، هاڻي اهو مونوگرام عدم تحفظ جي علامت بڻجي ويو آهي. ٻيو ته جن سنڌين ان منصوبي ۾ شموليت ڪئي آهي، اهي هاڻي اتان نڪرڻ جا رستا ڏسي رهيا آهن. ڇو ته بحريا ٽائون ۾ رهڻ هڪ لئه واري  نه پر هڪ لڄ واري ڳالهه ٿي پئي آهي. ڪالهه ماڻهو وڏي فخر سان ٻڌائيندا هئا ته اهي بحريا ٽائون ۾ ٿا رهن ۽ اڄ جيڪڏهن انهن کان ڪو رهائش جو پتو پڇي ٿو ته هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهه ڪري موضوع مٽائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي وڃي. ٽيون ته بحريا ٽائون ۾ جيڪي غير سنڌي ماڻهو رهن ٿا، اهي عدم تحفظ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. انهن کي پنهنجي چوڌاري مخالفن جوگهيرو محسوس ٿي رهيو آهي ۽ هو ڊپ ۾ آهن ته ڪٿي هو ڪنهن مصيبت ۾ نه پئجي وڃن. اهڙي صورتحال ۾ اهي پلاٽ ۽ گهر توڙي فليٽ جيڪي اڳ ۾ مهينن جي اندر منافعي جو باعث بڻبا هئا، اهي هاڻي اگهه هيٺ ڪيرائي رهيا آهن ۽ ماڻهن جي سيڙپ ٻڏي رهي آهي. ان ڪري ملڪ رياض جي پوري ڪوشش هوندي ته هو ڪنهن طرح سان بحريا ٽائون جي خلاف احتجاج ڪرڻ وارن کي لالچ ۽ مفاد جي زنجيرن ۾ جڪڙي سگهي پر اهو هاڻي ممڪن نه رهيو آهي. ڇو ته بحريا ٽائون جي خلاف ايترا سنڌي ٻاهر نڪري آيا آهن جو ملڪ رياض پاڻ کي به کپائي، تڏهن به هو پنهنجي خلاف ٻريل باهه کي پئسي جي پاڻيءَ سان وسائي نه ٿو سگهي. جڏهن ته ان ماحول ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ هاڻي کان وٺي تشويش پيدا ٿي پئي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي اندر ويٺل گونگن به ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي ۽ اهي به چوڻ لڳا آهن ته جيڪو ڪجهه به آهي، اهو پيپلز پارٽي جي ڪري آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ نه رهي ته پوءِ سائين ڪجهه به نه رهندو. ملڪ رياض جي مٿان به پريشر وڌي رهيو آهي ته هو پنهنجن ماڻهن کي ڪجهه ڪنٽرول ڪري اهڙو ماحول ٺاهڻ کان بچي جو سنڌ جا ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جا بنهه مخالف ٿي نه بيهن. ڇو ته جهڙي طرح حمايت جو طوفان گهڻو ڪجهه اڏاري ويندو آهي، تيئن مخالفت جو طوفان به مضبوط وڻن کي پاڙان پٽي سگهندو آهي. عوام جو موڊ تمام اهم هوندو آهي. جيڪي پاور گيم ڪن ٿا، انهن کي معلوم آهي ته پاور جو ڪم تمام رسڪي هوندو آهي. اهڙي طرح هي وقت پيپلز پارٽي توڙي بحريا ٽائون جي مالڪ لاءِ تمام گهڻي تشويش وارو آهي. ان وقت ۾ پيپلز پارٽي ڪهڙو ڪارڊ استعمال ڪندي؟ ملڪ رياض ڪهڙي رستو وٺندو؟ آپشن تمام محدود ۽ گهيرو گهڻو سخت آهي. پيپلز پارٽي ان اشو کي ڪيستائين نظر انداز ڪرڻ واري پاليسيءَ سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي