بحريا ٽائون پاران زمينن ۽ ڳوٺن تي والار خلاف آخري دم تائين وڙهندڙ سماجي اڳواڻ فيض محمد گبول جي ٻي ورسي ملهائي وئي

ملير:- بحريا ٽائون پاران زمينن ۽ ڳوٺن تي والار خلاف آخري دم تائين وڙهندڙ مزاحمتي ڪردار فيض محمد گبول جي اڄ ٻي ورسي ملهائي ويندي، ان موقعي تي انڊيجينيس رائٽس الائنس جا اڳواڻ فيض محمد گبول جي قبر تي حاضري ڀري گلن جون چادرو چاڙهيندا ۽ کيس سلامي پيش ڪندا، هوڏانهن فيض محمد گبول جي فرزند مراد گبول ورسي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو والد فيض محمد گبول اڪيلي سِر بحريا ٽائون پاران زمينن تي قبضي ۽ ڳوٺن کي ڊاهڻ خلاف سنڌ دشمن مافيا ملڪ رياض، رائو انوار ۽ ٻين خلاف آخري دم تائين جدوجهد ڪندو رهيو، هن بحريا ٽائون خلاف وڙهندي پنهنجي جان ڏني پر ڪڏهن به نه جهڪيو هن چيو ته اسان به سندس نقش قدم تي هلندي پنهنجون زمينون، ڳوٺ ۽ وسيلا بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين، فيض محمد گبول جي فرزند چيو ته هن وقت به بحريا ٽائون جون ڳوٺن خلاف ڪاروائيون جاري آهن اسان جي ڳوٺ جو رستو بند ڪيو ويو آهي ۽ ڳوٺ جي ڀرسان لنگهيجي ندي ۾ گٽر جو پاڻي ڇڏيو ويو آهي ته جيئن ڳوٺاڻا تنگ ٿي لڏي وڃن پر اسان پنهنجي ڌرتي نه ڇڏينداسين، هن چيو ته اڄ ڌرتي جي لاءِ وڙهندڙ فيض محمد گبول جي ورسي آهي ان موقعي تي اسين سندس قبر تي حاضري ڀري پنهنجي ڌرتي سان وفا جو وچن ڪنداسين، هن سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ اسان جي مدد ڪن.