بحريا ٽائون طرفان مليل قسط جي رقم اسان کي ڏني وڃي: سنڌ سرڪار جي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي :- سنڌ سرڪار بحريه ٽائون ڪراچي طرفان ملندڙ رقم حاصل ڪرڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. بحريه ٽائون ڪراچي طرفان سُپريم ڪورٽ جي حڪم تي 25 ارب رُپين جي پهرين قسط جمع ڪرائي وئي، سنڌ سرڪار اُها رقم وٺڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته بحريه ٽائون ڪراچي طرفان جمع ڪرايل رقم سنڌ سرڪار کي ڏني وڃي ۽ مستقبل ۾ به قسطن جي صورت ۾ جمع ٿيندڙ رقم سنڌ کي ڏني وڃي.درخواست ۾ سنڌ سرڪار موقف اختيار ڪيو ته بحريه ٽائون طرفان ملندڙ رقم صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪئي ويندي ۽ سموري رقم وڏي وزير طرفان جوڙيل سُپروائيز ڪميٽي ذريعي خرچ ٿيندي. سنڌ سرڪار وٽ بجيٽ جي کوٽ آهي ۽ صوبائي سطح تي ٽئڪس اوڳاڙي ۾ شارٽ فال جي ڪري ترقياتي رٿائون دير جو شڪار ٿي ويون آهن. اهڙي صورتحال ۾ بحريه ٽائون جي ملندڙ رقم سنڌ کي ڏني وڃي.