بحريا ٽائون خلاف تحريڪ جو مزاج ۽ مسئلا:مسرور شاهه

گذريل مهيني جڏهن بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي سنڌي ڳوٺن تي چڙهائي ڪري تشدد ڪيو، فائرنگ ڪئي ۽ سنڌي ڳوٺن جڏهن مزاحمت ڪئي ته اهي سڀ منظر سوشل ميڊيا ذريعي عوام آڏو اچي ويا. سنڌ جون قومپرست ۽ کاٻي ڌر جون تنظيمون اڳئي ٻيٽن واري تحريڪ جي ڪاميابي ۽ سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي جي پروگرامن ڪرڻ سبب چارج هيون، سو معاملو ائين ٿيو ته جيئن اسرائيل فلسطين جهڙا منظر سوشل ميڊيا تي آيا ۽ واويلا ٿي ته مختلف سياسي پارٽين جا وفد بحريا ٽائون جي متاثر ڳوٺن ۾ پهتا. هاڻ سياسي گرمي پڌ وٺندو ويو. پاڪستاني رياست ۽ پيپلز پارٽي جي ڳٺ جوڙ سان سنڌ جي ڪوسٽل پٽي کان ڪوهستان، کير ٿر کان ويندي ٺٽي، جامشوري ۽ ڪراچي کان حيدر آباد تائين پوري ڏکڻ سنڌ ۾ ڪيل سيٽلر ڪالونيلزم، جبر، استحصال، معاشي بحران ۽ ٻي غلامي جي پوري ڪاوڙ بحريا ٽائون ۽ ان جي ساٿارين تي نڪرڻ شروع ٿي. اسان جهڙا ترقي ترقي پسند ساٿي ته خوش ٿيا ته جيڪو شهرڪاري جي صورت ۾ والار جي منصوبي تي گهڻن سالن کان آواز اٿاريندا رهياسين ھئاسين، هاڻ پوري قوم ان تي سجاڳ ٿي وئي آهي. آخري معياري معاملو تڏهن ٿيو جڏهن سنڌ ايڪشن ڪميٽي 17 مئي جي اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي پارٽين جي نمائندگي ڪندي 6 جون تي بحريا گيٽ اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو ۽ واضع موقف اختيار ڪيو ته بحريا ٽائون سمورو غير قانوني آهي. بحريا سميت ڊي ايڇ اي ۽ ٻين شهرڪاري جي منصوبن جي صورت ۾ والار کي ختم ڪيو وڃي.

6 جون جي سيڪ جي اعلان کانپوء سنڌ جي آبادي جو هر پرت متحرڪ ٿيڻ لڳو. سيڪ جي پارٽين کان علاوه سنڌ جا وڪيل، ڊاڪٽر، مزدور فيڊريشنز، شاعر، فنڪار، برادرين جا اتحاد، ملڪگير تنظيمون ۽ صحافي يعني عوام جو هر پرت متحرڪ ٿي 6 جون کي قومي ڏهاڙو قرار ڏئي شموليت جو اعلان ڪرڻ لڳو.
هتي هڪ اهم معاملو سامهون اچڻ لڳو.
هڪ ته ان تحرڪ جو سگهارو پاسو اهو هو ته ڏهاڪن کانپوء سنڌ جي آبادي جو هر پرت سياسي طور متحرڪ ٿيڻ لڳو ۽ اسٽيبلشمنٽ پيپلز پارٽي جي ڳٺ جوڙ سان سنڌ کي جيڪو غيرسياسي ڪرڻ جي پراجيڪٽ تي سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي اها ٻڏڻ لڳي. ان سڄي صورتحال ۾ ملڪ جي حڪمرانن جون ننڊون ڦٽل هيون. بحريا جي آئيڪن ٽاور تي ڌرڻي کان ڪجهه ڏينهن پهريان گرينيڊ حملو ان جو اشارو هو ته مٿين سطح تي ان تحريڪ کي سبوتاج ڪرڻ جا پلان ٿي رهيا آهن.
ٻيو معاملو اهو سامهون آيو ته عوام جو تحرڪ ۽ سجاڳي اسان سياسي جماعتن جي تنظيمي سگهه ۽ ڍيلي ڍالي اتحادن کان وڌيڪ اڳيان وڌل هئي ۽ آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته 6 جون جي ڌرڻي ۾ جيترا سياسي جماعتن جا ماڻهو هئا اوترا عام سنڌي هئا. ٻي ڳالهه ته جيتري ٽرانسپورٽ جو بندوبست سياسي جماعتن ڪيو هو ان ۾ صرف 50 سيڪڙو ماڻهو پورا پئجي سگهيا. ان کان علاوه ٽريڊ يونينز ، بار۔ ملڪگير جماعتن جي الڳ شموليت هئي. اهو سڀ ڪجهه ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته سنڌي عوام اسان سياسي جماعتن جي تنظيمي سگهه کان اڳيان بيٺل هو.
ان سڄي صورتحال جو فائدو وٺي 6 جون جي ڌرڻي ۾ بحريا ٽائون تي حملو ڪرائي پرامن احتجاج کي منتشر ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ڪنهن به هائي ليول پرتشدد واقعي کي لکين ماڻهن جي ڪرائوڊ ۾ ڪابه پرامن سياسي جماعت نٿي روڪي سگهي پر اها حقيقت آهي جلسي ۾ اسان جي تيارين ۽ ڊسپلن کان وڌيڪ عوامي سمنڊ موجود هو. بھرحال ان واقعي ذريعي سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ ۽ سياسي ماحول کي سبوتاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ يڪدم رياستي ڪريڪ ڊائون ۽ ڪيسن جو معاملو شروع ٿيو. هڪ ڏينهن لاء محسوس اهو ٿيو ته شايد پرامن سياسي مزاحمت جهڪي ٿي وئي آهي پر جهڙي طرح سيڪ ۾ شامل سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن بهادري سان ڪريڪ ڊائون جو مقابلو ڪيو ۽ جهڙي طرح وڪيل برادري سياسي ڪارڪنن سان بيٺي، ان عمل ٻيهر قوم کي چارج ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن وقت اسان سمجهون ٿا ته قوم ائين ئي چارج آهي جيئن ڌرڻي کان پهريان چارج هئي.
پر سوال اهو آهي ته عوامي شعور ۽ ڪاوڙ جي ان اڀار کي ڪيئن، ڪير ۽ ڪهڙو گس ڏجي؟ هتي ٻيهر سياسي جماعتن جي تنظيمي نظرياتي سگهه جو معاملو اچي ٿو.
دنيا ۾ ۽ پاڪستان ۾ گذريل ڏهاڪي کان وڏا عوامي اڀار ٿيا آهن جن جو جوهر گهڻ طبقاتي ۽ گهڻ نظرياتي رهيو آهي. عرب اسپرنگ کان پي ٽي ايم تائين سڀئي عوامي اڀار پنهنجي مخصوص علاقائي منطق سان گڏ هڪ ڪلي منطق رکن ٿا. ڪلي منطق اهو آهي ته اهي اڀار اسٽيسڪو اندر عوام جي عدم نمائندگي جي ڪري پيدا ٿيا. هن وقت سنڌ ۾ جيتوڻيڪ معاملو بحريا ٽائون جو آهي پر مجموعي عوامي اڀار ڏهاڪن جي سنڌ تي بيٺڪيتي جبر، معاشي استحصال، نوجوان نسل جي واڌ ۽ مجموعي عوام جي روايتي سياسي نظام ۾ عدم نمائندگي جي ڪري آهي. بحريا ٽائون اهو نقطو ٿيو آهي جتي سنڌي عوام پنهنجي ڏهاڪن جي ڪاوڙ ڪڍڻ گهري ٿو. ظاهر آهي ان عوامي ڪاوڙ کي اڀارڻ ۾ سياسي ماڻهن ۽ جماعتن جو ئي هٿ آهي پر ڇا اهي هاڻ ان عوامي اڀار کي متبادل نمائندگي ڏئي ان کي گس ڏئي رهنمائي ڪرڻ جي اهل آهن؟ اهو ئي اهو سوال آهي جيڪو گذريل ڏهاڪي ۾ دنيا اندر سڀني عوامي اڀارن سان رهيو آهي ۽ انهن جي لاٿ جو به اهو ئي سبب آهي.

ان سڄي صورتحال ۾ ٻه گس ئي ٿي سگهن ٿا. مشهور فرينچ چوڻي مطابق انقلاب اهو نانگ آهي جيڪو پهريان پنهنجا ٻچا کائيندو آهي. سو هتي به ائين ٿي سگهي ٿو ته اسان سياسي ماڻهو ۽ جماعتون جن ڪجهه سالن کان سياسي لاٿ جي دور ۾ مستقل طور سنڌي عوام کي شهرڪاري جي صورت ۾ بيٺڪيتي جبر، مجموعي استحصال بابت آگاهه ڪندا رهيا آهيون، نظرياتي ڪم ڪندا رهيا آهيون، تنظيم ڪندا رهيا آهيون، اهي هن وقت جڏهن عوام ڪافي اڀار کاڌو آهي، ان اڀار کي گس نه ڏئي سگهون ۽ تڪڙا فيصلا ڪري ان انتشار ۽ موٽ ۾ رياستي دهشت جو پاڻ ئي شڪار ٿي وڃون ۽ وري ٻيهر نئين انداز ۾ ڪو سگهارو فورس تيار ٿيڻ ۾ گهڻو ٽائم لڳي. اهڙي صورتحال ۾ به هڪ سگهاري سياسي قوت جو جڙڻ سنڌ ۾ اڻٽر آهي جيتوڻيڪ ان ۾ وقت لڳندو.
ٻي صورت اها آهي ته اسان پنهنجي ڍيلي ڍالي سياسي اتحاد يعني سيڪ ۽ انڊجنيس الائنس کي وڌيڪ مضبوط ڪري اڳتي وڌون. ٻين آپشن تي اسان کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو. سيڪ جي سڀاڻي جي اجلاس ۾ ميمبر جي حيثيت ۾ ان ايجنڊا تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه رکبي پر هتي ڪجهه تجويزون رکڻ چاهيندس.

* سيڪ پاران ڪنهن ٻي وڏي اجيٽيٽو سرگرمي ڪرڻ کان پهريان پنهنجي اتحاد جا اصول مرتب ڏئي، ان کي باضبطا ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جي هڪ جنرل ڪائونسل ۽ جمهوري باڊي هجي. تنظيمن جي شموليت جي ڪراٽيريا جوڙي وڃي.

*سيڪ کي وسيع ڪري ان ۾ رهيل ترقي پسند جماعتن ۽ تنظيمن کي شامل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ انڊجنيس رائٽس الائنس لازمي هجڻ گهرجي (جيتوڻيڪ اتحاد سيڪ جي ميٽنگس ۾ شامل هوندو آهي )

*سيڪ کي ضلعي سطح تي منظم ڪرڻ گهرجي.
*سيڪ جون مختلف ڪميٽيز ٺاهڻ گهرجن جنهن ۾ ليگل ڪميٽي ، ميڊيا ڪميٽي ۽ ايندڙ اسيمبلي جي گهرائو لاء والنٽيرز جي مضبوط ٽيم ٺاهڻ لازمي آهي.

* بحريا ٽائون متعلق اسان جو موقف واضع آهي پر اسيمبلي جي گهرائو کان پهريان قانوسازي جو واضع ڊرافٽ تيار ڪرڻ لازمي آهي جهڙي ريت حيدر بخش جتوئي واضع پلان سان سنڌ اسيمبلي جو گهرائو ڪري هارپ جو قانون پاس ڪرايو، ائين اسان کي سنڌ جي زمينن جي والار کي روڪڻ ۽ اصلوڪي آبادي جي تحفظ لاء واضع قانوني ڊرافٽ تيار ڪرڻ گهرجي.
اهي ۽ اهڙين ٻين نقطن تي عمل ڪرڻ کانسواء عوامي ڪاوڙ لازمي طور انتشار ۽ رياستي دهشت طرف وڌنڌي ۽ پوء اها ڳالهه لاڳاپيل لڳندي ته انقلاب (هتي تحريڪ ) اهو نانگ آهي جيڪو پهريان پنهنجا ٻچا کائيندو آهي .