بحريا ٽائون جي 460 ارب مان 25 ارب جي پهرين قسط سنڌ حڪومت کي ملي وئي

ڪراچي :- سنڌ سرڪار جي بجيٽ ڊاڪيومينٽ ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب بحريا ٽائون جي زمين جي 460 ارب ماليت مان 25 ارب سنڌ حڪومت کي ملي ويا آهن جڏهن ته 30 ارب رپين جي ايندڙ قسط سنڌ سرڪار کي ايندڙ مالي سال دوران ڏني ويندي، سنڌ سرڪار جي بجيٽ ڊاڪيومينٽ ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته 30 جون 2020ع تي ختم ٿيندڙ مالي سال دوران سپريم ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل 25 ارب رپين واري بحريا ٽائون جي قسط سنڌ سرڪار کي ڏني وئي هئي، جڏهن ته 2020 ۽ 2021 جي مالي سال دوران سپريم ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل 30 ارب رپيا پڻ سنڌ سرڪار کي ڏنا ويندا، هن وقت تائين ميڊيا ۾ اهڙي ڪا به خبر شايع نه ٿي آهي جنهن ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي هجي ته بحريا ٽائون طرفان قبول ڪيل 460 ارب رپين مان پهرين قسط سنڌ حڪومت جي حوالي ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته سنڌ جي قومپرستن ۽  سول سوسائٽي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ساراهيندي مطالبو ڪيو هو ته بحريا ٽائون طرفان ملندڙ 460 ارب رپين جي رقم صوبي جي حوالي ڪئي وڃي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار جي مخالفن پڻ اهو مطالبو ڪيو هو ته بحريا ٽائون طرفان ملندڙ 460 ارب رپيا پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ سرڪار حوالي نه ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي اڳ ۾ ئي سنڌ جا وسيلا برباد ڪري چڪي آهي. ذريعن موجب بحريا ٽائون جي رقم جون قسطون سنڌ حڪومت کي ملڻ واري فيصلي قومپرستن ۽ سنڌ دوست حلقن ۾ وڏي سرهائي پيدا ڪئي آهي ته آخر ڪار سنڌ جي ماڻهن جي آواز کي ٻڌو ويو ۽ بحريا ٽائون تي قرضي جي عيوض سپريم ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل 460 ارب سنڌ سرڪار کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.