بجيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن کي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد:- ايندڙ بجيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن کي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب بجيٽ ۾ 20 ارب روپين کان وڌيڪ جي انڪم ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن ۾ پگهادار طبقي کي ميڊيڪل الائونس تي انڪم ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي.ان کان علاوه ڪارپوريٽ ايگريڪلچرل انڪم جي منافعي تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ، سبسڊيز جي آمدني تي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ۽ سوشل سيڪيورٽي ادارن کي ڏنل انڪم ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.جڏهن ته گڏيل آمدني تي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ۽ ايل اين جي ٽرمينلز ۽ آپريٽرز کي انڪم ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي