باڊهه ۾ سبزي منڊي قائم نه ٿي سگهي، شهرين کي صحت لاءِ هاڃيڪار ڀاڄي وڪرو

باڊھه :-  باڊھه ۾ سرڪاري سطح تي سبزي منڊي نه ھئڻ ڪري شهر جي مختلف هنڌن تي سبزي جون پڙيون قائم ڪيون ويون آهن. جن مان شهر جي مين روڊ تي پوسٽ آفيس کان چند وکن جي فاصلي تي ۽ ان سان گڏ حيدر چؤڪ توڙي آس پاس ۾ هٿ ٺوڪيون سبزي پڙيون ھندڙ آھن. جڏھن ته سرڪاري سطح تي يا ٽائون ڪاميٽي پاران مقرر هڪ سبزي پڙي ھئڻ باوجود باڊھه جي ٻهراڙي جي مختلف ڳوٺن کان سبزي جا واپاري چنگچي رڪشائن، لوڊرن ۽ موٽرسائيڪلن سميت مختلف ننڍين وڏي گاڏين تي سبزي کڻي اچي مختلف هنڌن تي پڙيون هلائيندڙ پيٽي ٺيڪو هلائيندڙن وٽ پهچائن ٿا. ذڪر ڪيل پڙيون محفوظ نه هئڻ ڪري سبزيءَ جا پاچڪا ۽ پلي، پالڪ وغيره جو ڳٺڙيون رات جي وقت روڊن تي بند پيل دڪانن اڳيان رکيل هجن ٿيون ۽ اها سبزي غير محفوظ هئڻ ڪري رات جي وقت رولو گڏھه، ڪتا ۽ ٻلا سبزي جي پاچڪن ۽ ڳٺڙين ۾ ڦريو ڦريو اچي منهن هڻي رهيا آهن، ايتري قدر جو اهي ڪتا ۽ ٻلا سبزيءَ مٿان پيشاب ۽ گندگي پڻ ڪري ڇڏين ٿا. اهڙي صورتحال کانپوءِ بي خبر بڻيل شهري حرام ۽ پليت ٿيل سبزي کائي رهيا آهن، پر ان باوجود باخبر رهندڙ ٽائون ڪاميٽي انتظاميه ڪنهن به قسم جو نوٽيس نه ورتو آهي.