باڊهه ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، هندو واپاري جي دڪان کي کاٽ، ڌرڻو

باڊھه :- باڊهه ۾ بدامنيءَ جي باهه ٻري وئي. شهر جي وچ بازار مان چور هندو واپاري جي دوڪان جي ڇت ڀڃي چار لک روپيا کڻي ويا. باڊهه تعلقه موومينٽ پاران واقعي خلاف احتجاج ۽ ڌرڻو، ٽريفڪ معطل. خبر موجب: گذريل رات نامعلوم چور باڊهه جي مک بازار ۾ قائم هندو واپاري آڪاش ڪمار جي ڪريانا جي دڪان جي ڇت ڀڃي دڪان اندر پيل چار لک روپيا روڪ کڻي ويا. واقعي جو اطلاع باڊهه ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي، پر پوليس جوابدارن کي ڳولهڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هوڏانهن باڊهه تعلقه موومينٽ پاران واقعي خلاف متاثر دڪان اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ويو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي باڊهه تعلقه موومينٽ جي اڳواڻن زيب علي ساريو، اصغر نوناري، ذوالفقار علي ڪانڌڙو، گدا حسين تنيو، احمد بشير نوناري، دودو ديشي، اقبال ڪانڌڙو، منور نوناري، آغا نور محمد بليدي، ممتاز علي جوڳي، رياض پنهور ۽ جمال خاصخيلي کان علاوه مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته باڊهه ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جا واقعا روزمره جو حصو بڻجي چڪا آهن، پر انتظاميه ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. هنن انتظاميه کي چتاءُ ڏنو ته ٻن ڏينهن اندر واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل رقم واپس نه ڪئي وئي ته باڊهه تعلقه موومينٽ پاران شهر ۾ ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو مسئلي جي حل تائين جاري رهندو. ٻئي طرف دڪان جي مالڪ آڪاش ڪمار ۽ سندس پيءُ ڪرشن لعل ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان سان ناجائزي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي. هنن اپيل ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.