باڊهه تعلقو بڻايو قافلو سنڌ جي تختگاهه ڪراچي پهچي ويو، جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان

باڊهه تعلقي موومينٽ جو باڊهه بڻايو قافلو پنهنجي منزل سنڌ جي تختگاهه ڪراچي پهچي ويو. مختلف شهرن ۾ قافلي جو ڀرپور نموني استقبال ڪيو ويو. ڪالهه باڊهه تعلقه موومينٽ پاران باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊهه بڻايو قافلو حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پهتو، جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي علي محمد بروهي، زيب ساريو، پنهل ساريو، قادر بروهي، مفتي نصير احمد ڀٽو ۽ ٻين چيو ته 2008 ۾ عوامي جلسي دوران ان وقت جي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه اهو اعلان ڪيو هو ته باڊهه کي جلد تعلقو بڻائبو، جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به پڻ اعلان ڪيو هو ته باڊهه کي جلد تعلقي جو درجو ڏنو ويندو، پر ان هوندي به اڃا تائين باڊهه تعلقو نه بڻجي سگهيو آهي، هنن چيو ته باڊهه ۾ آبادي گهڻي آهي جنهن سبب باڊهه کي تعلقي جو درجو ملڻ گهرجي. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته جلد باڊهه شهر کي جلد تعلقي جو درجو ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ وڏي احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ٻئي طرف باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊهه تعلقي موومينٽ جو نڪتل سوين ماڻهن جو قافلو علي محمد بروهي، زيب ساريو، مفتي نصير احمد ڀٽو، عزيز بروهي جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب پهچڻ تي پپري گلشن حديد سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ايس ٽي پي ملير پاران قافلي جي شاندار آجيان ڪري مٿن گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ باڊهه تعلقه موومينٽ جي ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪري باڊهه کي تعلقو بڻائڻ جا نعرا هنيا، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ عاصمه ابڙو، اصغري نوناري، احمد بشير نوناري، دودو ديشي، منور نوناري پڻ مظاهري ۾ شرڪت ڪئي، مظاهري کي خطاب ڪندي باڊهه تعلقه موومنٽ جي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ قائم علي شاهه باڊهه کي تعلقو بنائڻ جو اعلان ڪيو جنهنجو نقشو ۽ پيپر ورڪ پڻ مڪمل ڪيو ويو پر 12 سال گذري وڃڻ باوجود پيپلز پارٽي سرڪار جو واعدو وفا نه ٿيو آهي، اسان جي تڪ جي ايم پي اي حزب الله ٻگهيو، ايم اين اي خورشيد شاهه جوڻيجو پنهنجي اليڪشن مهم دوران عوامي ميڙاڪن ۾ اهو اعلان ڪيو هو ته باڊهه کي تعلقو بڻائينداسين پر اسان جي چونڊيل نمائندن جو واعدو به وفا نه ٿيو آهي، باڊهه ٽائون ڪميٽي جي چونڊيل ميمبرن پڻ هڪ قرارداد باڊهه کي تعلقي بنائڻ جي حق ۾ پاس ڪرائي آهي ۽ باڊهه جي عوام سياسي، سماجي اڳواڻ، صحافي باڊهه کي تعلقي بنائڻ جي حوالي سان سراپا احتجاج آهن پر ان جي باوجود باڊهه جي عوام جي احتجاجن تي سنڌ حڪومت توجه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، اسانجو هي قافلو واپسي تي به سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن آڏو احتجاج ڪندو، اسان جو اهو اعلان آهي ته جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ڏنو ويندو تيستائين خاموش نه ويهنداسين. هوڏانهن باڊهه بڻايو قافلي ۾ شامل ماڻهن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايو