باهو کوسو ۽ تنگواڻي پوليس ۾ حد جو تڪرار نبري ويو: قتل ٿيل نوجوان جو لاش 10 ڪلاڪن بعد اسپتال منتقل

باهو کوسو : تنگواڻي ۽ باهو کوسو جي حد ۾ چورن هٿان ڀاڳيو گوليون هڻي بيدردي سان قتل، 10 ڪلاڪن کانپوءِ پوليس ۾ حد بندي جو تڪرار ختم ٿي ويو، باهو کوسو پوليس لاش ٺل اسپتال پهچائي پوسٽ مارٽم ڪرايو، پوليس ٿاڻن ڊيراسرڪي ۽ باهو کوسو جي حد ڳوٺ خاوند بخش نوناري ۾ رات دير سان اڻڄاتل چورن پاران گهر ۾ گهڙي چوري جي ڪوشش ڪئي وئي، ڀاڳيا سڄاڳ ٿي پيا ته چورن ۽ ڀاڳين ۾ آمهون سامهون فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 28 سالن جو نوجوان گلزار احمد نوناري مارجي ويو، پوليس پاران باهو کوسو ۽ ڊيراسرڪي جي حد بندي تان تڪرار سبب لاش 10ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيو، واقعي خلاف ڳوٺاڻن پوليس ۾ هلندڙ حد بندي تڪرار خلاف احتجاج ڪيو، احتجاج کانپوءِ پوليس ۾ حد بندي جو تڪرار ختم ٿي ويو ۽ باهو کوسو پوليس پهچي لاش کڻائي ٺل اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو، مقتول جي وارثن چيو ته ظلم ڪيو ويو آهي، نوجوان گلزار احمد نوناري کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس سهڪار نه پئي ڪري، هُنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.