باليووڊ ۾ اداڪارا عاليه ڀٽ ۽ اداڪار رنبير ڪپور جي وچ ۾ افيئر واريون خبرون موضوع بڻيل

ممبئي:- باليووڊ ۾  اداڪارا عاليه ڀٽ ۽ اداڪار رنبير ڪپور جي وچ ۾ افيئر واريون خبرون اڄ ڪلهه اهم موضوع بڻيل آهي ۽ هاڻ اداڪارا عاليه ڀٽ جي وڏي ڀيڻ اڳوڻي اداڪارا ۽ فلمساز پوجا ڀٽ ان سلسلي ۾ پنهنجو بيان ڪيو آهي. ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هڪ ايونٽ دوران جڏهن پوجا ڀٽ کان عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي ويجهڙائن بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ان جو جواب توهان کي عاليا ڀٽ کان پڇڻ گهرجي، توهان مونکان منهنجي ذاتي زندگي بابت سوال ڪري سگهو ٿا، پر توهان مونکان منهنجي ڀيڻ جي زندگي بابت سوال نٿا ڪري سگهو. پوجا ڀٽ کان هڪ ٻيو سوال ڪيو ويو ته هو اهڙين خبرن تي ڇا سوچيندي آهي، جنهن تي هن چيو ته جيئن هو پنهنجي حوالي سان سامهون ايندڙ خبرن کي منهن ڏيندي آهيي تيئن ئي ان کي به منهن ڏئي ويندي آهيان، اهڙيون خبرون مونکي پريشان ناهن ڪنديون، اسان کي گهرجي ته اسان عاليا کي پنهنجي زندگي جيئڻ ڏيون، ڇو ته هو ڀارت کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهي آهي