بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر اڏڻ جو حڪم: ڀارتي سُپريم ڪورٽ مسجد جي زمين هندن حوالي ڪري ڇڏي

نئين دهلي :  ڀارتي سُپريم ڪورٽ بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر اڏڻ جي اجازت ڏيندي زمين هندن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڀارتي سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رنجن گوگئي جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 5 رُڪني بئنچ اتر پرديش رياست جي ايوڌيا شهر ۾ بابري مسجد جي زمين تي تڪرار جي حوالي سان ڪيس تي فيصلو ٻڌايو. عدالت بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر ٺاهڻ ۽ مسلمانن کي مسجد لاءِ متبال جاءِ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
بئنچ جي سمورن ججز اتفاق راءِ سان فيصلو ڏنو ۽ چيو ته بابري مسجد جي تڪراري زمين هڪ ٽرسٽ حوالي ڪئي وڃي، مرڪزي حڪومت ٽن مهينن اندر ٽرسٽ قائم ڪري. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مسلمانن جي ڌُر سُني وقف بورڊ کي ايوڌيا ۾ ڪنهن نمايان جاءِ تي مسجد تعمير ڪرڻ لاءِ متبادل طور 5 ايڪڙ زمين ڏني وڃي. بابري مسجد جي زمين هندن حوالي ڪرڻ ۽ اُن تي رام مندر تعمير ڪرڻ جي حوالي سان اتفاق راءِ سان فيصلو جاري ڪندڙ بئنچ ۾ ڀارتي سُپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس رنجن گوگئي، جسٽس شرد اردون بوبڊي، جسٽس اشوڪ ڀوشن، جسٽس ڊي وائي چندر چوڙ ۽ جسٽس ايس عبدالنذير شامل آهن. ڀارتي سُپريم ڪورٽ طرفان بابري مسجد جي حوالي سان ڪيس تي فيصلو جاري ڪرڻ کان اڳ مودي سرڪار طرفان سموري ملڪ ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي، جڏهن ته ايوڌيا ۾ مسجدن توڙي مندرن جي سيڪيورٽي لاءِ اضافي اهلڪار مقرر ڪيا ويا. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي عوام کي پُرامن رهڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو آهي ته سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ڪنهن جي ڪاميابي يا ڪنهن جي شڪست جي صورت ۾ نه ڏٺو وڃي.