بابا جي موت تي آمريڪا ۽ اسرائيل کي ڪارو ڏينهن ڏسڻو پوندو: زينب سليماني

تهران:- ايراني قدس فورس جي ڪمانڊر قاسم سليماني جي ڌيءُ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي واضح پيغام ڏيندي چيو آهي ته بابا جي موت تي آمريڪا ۽ اسرائيل کي ڪارو ڏينهن ڏسڻو پوندو. جنرل قاسم سليمانيءَ جي جنازي نماز جي موقعي تي سندس نياڻي زينب سليمانيءَ پنهنجي پيءُ جي موت تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو. پرڌيهي خابرو اداري موجب زينب سليماني ميڊيا ٽاڪ ۾ چيو ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي اسرائيل کي جنرل سليمانيءَ جي موت تي ڪارو ڏينهن ڏسڻو پوندو. هن آمريڪي صدر کي مخاطب ٿيندي چيو ته چريا ٽرپ اهو نه سمجهجان ته منهنجي بابا جي موت سان گڏ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.