بااثرن 13 سالن ڀيل نينگري جو لاش مسلمانن جي قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو: پوليس جا لاش کڻائي وڃڻ جا داٻا

 ٽنڊو الهيار جي جواڙيو پير جي درگاھ تي آندل هندو نينگري جو لاش بااثرن دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو، مليل ڄاڻ موجب 13 سالن جي نينگري شهزادي ڀيل کي دفنائڻ لاءِ وارث جواڙيو پير جي جي قبرستان کڻي آيا، بااثرن لغارين ۽ سولنگين جو قبرستان ڄاڻي ڀيل برادري جي فوت ٿيل نينگري جو لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، لاش صبح کان قبرستان ٻاهر پيل، رابطي ڪرڻ تي گلزار ڀيل، راڻا ڀيل، وسايو ڀيل ٻڌايو ته اڳ به اسان جا عزيز هتي دفن ٿيل آهن پر ڪجهه بااثرن اسان کي نينگري دفن ڪرڻ نه پيا ڏين، هنن چيو ته پوليس چئي ٿي اوهان لاش غلاب لغاري کڻائي وڃو، اسان چيو ته پئسا ئي ناهين جو اتي کڻاڻي وڃو، هنن چيو ته پوليس وارا چئي ويا آهن ته گاڏي موڪليون ٿا لاش کڻائي وڃو، پوليس موجب معاملو حل ٿي ويو آهي، وارث لاش کڻائي وڃن پيا، قبرستان لغارين ۽ سولنگين جو آهي، ان ڪري دفنائڻ نه پيا ڏين.