اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کان سندس ڀاءُ ذاتي ڪميشن جي لاءِ ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ بند ڪرائڻ ۾ مدد ورتي

اسلام آباد :- قومي اسيمبلي جي پارليماني معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ مسلم  ليگ ن جي قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري محمود بشير ورڪ انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان  جسٽس (ر) ثاقب نثار کان هن جي ڀاءُ ذاتي ڪميشن جي لاءِ پاڪستان ڪِڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ بند ڪرائڻ ۾ مدد ورتي.

قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽ  جو اجلاس چيئرمين مجاهد خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ لاهور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي بندش بابت معاملن به بحث هيٺ آيا.

اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي  قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري محمود بشير ورڪ الزام هنيو ته اڳوڻي چيف جسٽس کان هن جي ڀاءُ ذاتي ڪميشن لاءِ پي ايل آءِ بند ڪرائڻ ۾ مدد ورتي، ڳري ڪميشن وٺي مريض ڀارت موڪلڻ جو واپار ٿيندو رهيو.

ڪميٽي جي ميمبر مبشر راڻا جو چوڻ هو ته شهباز شريف ماهر ڊاڪٽر پرڏيهه کان هتي مقرر ڪرائي پر ڪڊني اينڊ ليور سينٽر کي سياسي مسئلو بڻائي اسپتال کي غير فعال ڪيو ويو.

ان تي پارليماني معاملن بابت مملڪتي وزير علي محمد خان جو چوڻ هو ته اسپتال ڪنهن بڻائي؟ ڪير ڏوهاري آهي پر عوام خوار ٿي ويو،  اِهو مسئلو اڳوڻي چيف جسٽس جي پاڻمرادي نوٽيس سبب پيش آيو.

چوڌري محمود بشير ورڪ موقف اختيار ڪيو ته سڄو سچ اِهو آهي ته پي ڪي ايل آءِ جي غير فعال ٿيڻ جو سبب ثاقب نثار جو ڀاءُ آهي ڇو ته انسٽيٽيوٽ جي ڪري ثاقب نثار جي ڀاءَ جي ڪميشن ٺهڻ بند ٿي ويو هو.

هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس گهر گهرائي ڀاءُ جي سامهون پي ڪي ايل آءِ جي سربراهه جي بي عزتي ڪئي هئي.