اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي طبعيت وري خراب: پرڏيه موڪلڻ جي تياري

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي تاحيات قائد ميان محمد نواز شريف جي سروسز اسپتال ۾ هڪ دفعو وري طبعيت بگڙجي وئي آهي. ان جي پليٽ ليٽس جي تعداد ٻيهر 7 هزار تائين پهچي وئي آهي.رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي طبعيت گذريل ڏينهن بهتر ٿي ۽ پليٽ ليٽس جي تعداد 29 هزار جي ويجهو پهچي وئي جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن اڳوڻي وزيراعظم جي صحت کي برقرار ڏنو هو.ميڊيڪل بورڊ جي اعليٰ اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ان پليٽ ليٽس جي تعداد گهٽ ٿي وري 7 هزار رهجي وئي آهي. ميڊيڪل بورڊ جي سفارش تي اسلام آباد مان هڪ سينيئر ڊاڪٽر کي گهرايو ويو آهي.کيس پرڏيه اماڻڻ جا اطلاع پڻ آهن ، جڏهن ته اين آر او واري ڊيل جو پڻ چوٻول وفاقي دارلحڪومت ۾ ٻڌڻ آيو آهي