اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي پڻ اسپتال منتقل ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد :-  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کانپوءِ شاهد خاقان کي پڻ اسپتال منتقل ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.ميڊيڪل بورڊ اڊيالا جيل ۾ شاهد خاقان عباسي جو معائنو ڪيو، ايندڙ هفتي اڳوڻي وزيراعظم کي اسپتال منتقل ڪيو ويندو، ميڊيڪل رپورٽ موجب شاهد خاقان عباسي جي گڙدي ۽ مثاني ۾ پٿري آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ شاهد خاقان عباسي جي هرنيا جي آپريشن جي پڻ سفارش ڪئي آهي، کيس اسلام آباد جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويندو.اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جون وڌيڪ ٽيسٽون پڻ ڪيون وينديون، اسپتال منتقلي کانپوءِ داخل ڪرڻ جي باري ۾ فيصلو ڪيو ويندو.