اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ٻن سئوٽن سميت 3 جوابدار ضمانت رد ٿيڻ تي گرفتار

سکر:-  سنڌهائيڪورٽ سکر بئنچ ٻيلي کاتي جي ڪروڙين روپين جي زمين ۾ ڦيرڦار ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ٻن سئوٽن سميت چئن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ٽي جوابدار گرفتار. اڳوڻو تعلقي ناظم فرار ٿي ويو. سنڌهاءِڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خام حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لاڙڪاڻي ۾ ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين ۾ ڦيرڦار ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ٻن سئوٽن سميت چئن جوابدارن جي پڪي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي عدالت ٻڌڻي دوران وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت سهيل انور سيال جي ٻن سئوٽن شاهد سيال. سعيد سيال. اڳوڻي تعلقي ناظم نذير شيخ ۽ مينهل عرف مينهون جتوئي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن بعد نيب عدالت ٻاهران سهيل انور سيال جي ٻن سئوٽن شاهد سيال. سعيد سيال. مينهل عرف مينهون جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته لاڙڪاڻي جو اڳوڻو تعلقي ناظم نذير شيخ فرار ٿي ويو آهي نيب ذريعن موجب جوابدارن مٿان نيب ٻيلي کاتي جي 58 ڪروڙ جي زمين ۾ ڦيرڦار ڪري بلڊر ڳهڻو جتوئي کي وڪرو ڪرڻ جو ريفرنس داخل ڪيو هو ان ريفرنس ۾ بلڊر ڳهڻو جتوئي اڳ ۾ ئي گرفتار ٿيل آهي.