اڳوڻي صدر آصف زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ٽيليفون ڪري پي ڊي ايم جي جلسن بابت ڳالهه ٻولهه

ڪراچي :- اڳوڻي صدر آصف زرداري اڳوڻي وزيراعظم ميان  نواز شريف کي ٽيليفون ڪري سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پي ڊي ايم جي جلسن بابت ڳالهه ٻولهه به ٿي. آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اندر اهو چوٿون ڀيرو رابطو ٿيو آهي.