اڳوڻو ڊائريڪٽر ايف آءِ اَي شاهد حيات ڪينسر سان جهيڙيندي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي : اڳوڻو ڊائريڪٽر ايف آءِ اَي شاهد حيات ڪينسر سان جهيڙيندي لاڏاڻو ڪري ويو. ترجمان ايف آءِ اَي، شاهد حيات جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو ڪافي عرصي کان ڪيسنر ۾ مبتلا هو، جنهن سبب هو هڪ نجي اسپتال ۾ داخل هو، پر بچي نه سگهيو. شاهد حيات ڊي آءِ جي موٽر وي جي عهدي تي به ذميواريون ڏئي چڪو آهي، شاهد حيات کي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ 2 سال جيل به ڪاٽڻي پئي هئي، جنهن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو هو. مرتضيٰ ڀٽو جي قتل واري واقعي کان 17 سالن بعد شاهد حيات کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. شاهد حيات جي جنازي نماز سڀاڻي پوليس هيڊڪوارٽر گارڊن ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد مڙهه اباڻي شهر ڊيرا اسماعيل خان روانو ڪيو ويندو.