اڏيري لال اسپتال جا ويهه سالن کان قيد نم جا وڻ : ڊاڪٽر اشوٿاما

ڪلهوڪي اخبار ۾ اڏيرو لال اسٽيشن اسپتال جي وڻن جي واڍي ۽ وڪري جي خبر، وڻن ٻوٽن لاءِ حساسيت رکندڙ هر ماڻهو جو ڌيان ڇڪائيندڙ هئي. ماحولياتي گدلاڻ جو فوري سمجھ ۾ ايندڙ سبب وڻڪاري ۽ سرسبزي جو نه هجڻ آهي. اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ خاص طور گلن ٻوٽن، پارڪن ۽ باغن جو هجڻ ته هر ڪوئي چاهيندو آهي. اهڙين جاين جڳهن مان وڻن جو وڍجڻ ۽ وڪرو ٿيڻ جا اطلاع بلڪل ئي ناپسنديده بلڪه ڪنهن به ڏوه کان گھٽ عمل ڪونهي. اسپتال جي ايم ايس کي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ فون ڪرڻ سان ان معاملي سان گڏ ٻيا به ڪيترا عوامي دلچسپي جا مامرا سامهون آيا. ڊاڪٽر جو چوڻ هيو ته ڪلهوڪي اخباري خبر مهينو پهرئين جو واقعو آهي. سڄو مهينو ان خبر کان بيخبري يا منظر تي نه اچڻ جو به هڪ پسمنظر آهي. پر اصل موضوع کان هٽي وڃڻ کان بچندي هڪ ضمني حوالو ڏيڻ سان خبر جي صحت کي سمجھڻ ۾ آساني ٿيندي. اڏيرو لال اسٽيشن اسپتال 1981 منظور ٿي، جنهنجي بلڊنگ 1991 ٺهي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي صحت کاتي جي حوالي ٿي. جنهن کي هن وقت، اڍائي سالن کان انتظامي طور آءِ ايڇ ايس پبلڪ پرائيويت پارٽنرشپ تحت هلائي رهي آهي. ايم ايس ڊاڪٽر قادر بخش ڏاهري چواڻي اسپتال جي ڊاڪٽرن لاءِ ٺهرايل ٻه بنگلا ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا ڪوارٽر، گذريل ويهه سالن کان پوليس ڊپارٽمينٽ جي سنڀال هيٺ آهن. جنهن ۾ پوليس اسٽيشن پڻ قائم ٿيل آهي. بحث هيٺ آيل پراڻي نم جي وڻ جي باري ۾ ڊاڪٽر ڏاهري جو چوڻ هيو ته اهو بنگلي جي زبون حال ديوار تي ڪري پيو هو. ديوار ۽ بنگلي کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ اهو وڻ وڍيو ويو. ڊاڪٽر خبر جي ان حصي تي حيرانگي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ کيس وڻ وڍڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جوالزام هنيل آهي. ڊاڪٽر ڏاهري جيڪو ڪجھ مهينا پهرين هن اسپتال ۾ پوسٽنگ ٿيڻ کان پوءِ ايم ايس طور ڪم ڪري رهيو آهي.