اڏيرو لال اسٽيشن جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ تازو شروع ڪيل مفت اکين جي چڪاس ۽ علاج سروس جو افتتاح

اڏيرو لالاسٽيشن / حيدرآباد :- اکين جي عام بيمارين جي شروعاتي مرحلي ۾ چڪاس ۽ علاج ڪرائڻ سان عمر وڌڻ سان نظر جي ڪمزوري، ڪاري پاڻي موتيي ۽ بزرگي ۾ نابيني ٿيڻ کان پاڻ کي بچائي سگھجي ٿو۔ انهن خيالن جو اظھار آئي ايڇ ايس جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر اشوٿاما اڏيرو لال اسٽيشن جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ تازو شروع ڪيل مفت اکين جي چڪاس ۽ علاج سروس جي افتتاحي ميڊيا بريفنگ دوران چئي۔ هن ان سروس جا وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو سڄي دنيا خاص طور ايشيا ۽ آفريڪا جي ترقي پذير ملڪن ۾ انڌپڻي جي تيزي سان وڌندڙ انگ کي روڪڻ لاء ڳوٺاڻي سطح تي اکين جي صحت جا نوان، جديد ۽ آساني سان عمل جوڳا بندوبست ڪيا پيا وڃن۔ ڊاڪٽر اشوٿاما ڊبليو ايڇ او ۽ ڪجه عالمي ادارن جي تازي سروي رپورٽن جي حوالي سان چيو ته 2050 تائين دنيا جي پنج ارب کان به وڌيڪ آبادي اکين جي معمولي کان شديد نوعيت جي مرضن جو شڪار ٿي ويندي۔ جنهن ۾ تيزي سان وڌندڙ انگ انڌپڻ جو هوندو۔ جنهن کي فقط معمولي احتياط، صحيح ڄاڻ ۽ ابتدائي مرحلي جي چڪاس سان گھٽائي سگھجي ٿو۔ هن ٻڌايو ته ان ڏس ۾ آئي ايڇ ايس ، هڪ جرمن آرگنائيزيشن ڪرسٽوفيل بلائينڊ اينمشن ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ويوول سائنسز گڏيل سهڪار سان هي پائلٽ پروگرام شروع ڪيو آھي۔ پهرئين مرحلي ۾ مٽياري ضلعي جي رورل هيلٿ سينٽرن خيبر، ڀليڏنو ڪاڪا، اڏيرولال اسٽيشن ۽ تعلقي اسپتالن ۾ شروعات ڪئي وئي آھي۔ جتي سکيا ورتل آپٽوميٽرس مقرر ڪري کين اکين جي چڪاس جا جديد يونٽس مهيا ڪيا ويا آھن۔ ان موقعي تي آئي ايڇ ايس ضلعي مٽياري جا ضلعي مينيجر ڊاڪٽر مظفر سمو، انجمن تاجران جا اڳواڻ پريم چند، اعظم جهانگيري، ايم ايس ڊاڪٽر عبدل قادر ڏاهري ڊاڪٽرن ۽ شھرين شرڪت ڪئي۔