اپوزيشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ چئن نقطن مان صرف هڪ نقطي تي ڳالهيون ٿيون

اسلام آباد: حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽي ۽ مخالف ڌر جي رهبر ڪميٽي وچ ۾ حڪومت مخالف آزادي مارچ جي حوالي سان ڳالهين جو پهريون سيشن ختم ٿي ويو، ڌرين ڳالهين کي مثبت قرار ڏنو.اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي سان ڳالهين جي لاءِ حڪومتي ٽيم جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ ۽ رهبر ڪميٽي جي سربراهه اڪرم دراني جي رهائشگاهه تي پهتي.ڳالهين دوران اپوزيشن سڀئي مطالبا ڪميٽي جي سامهون رکيا، جنهن کانپوءِ ڌرين قيادت سان مشوري جي لاءِ ڳالهين ۾ وقفو ڏنو.ذريعن موجب اپوزيشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ چئن نقطن مان صرف هڪ نقطي تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته ٻين مطالبن تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي، جن ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ، نيون چونڊون ۽ آئين ۾ موجود اسلامي دفعات جو تحفظ شامل هو.ذريعن ٻڌايو آهي ته حڪومت ڊي چوڪ تي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان معذت ڪندي اپوزيشن کي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي جي تجويز ڏني. جڏهن ته اپوزيشن پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي حڪومتي ڪميٽي هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به اپوزيشن جي سامهون رکيو.حڪومي ڪميٽي موجب اپوزيشن چار ئي مطالبا تحريري طور حڪومتي ٽيم جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ حڪومتي ٽيم مطالبن تي وزيراعظم سان صلاح مشوري جي لاءِ وقت گهريو.ڳالهين جي پهرين سيشن جي پڄاڻي کانپوءِ حڪومتي ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو ته ٻنهي طرفن کان تجويزون ڏنيون ويون آهن، انشاءَ الله جلد خوشخبري ڏينداسين.