اپوزيشن موجوده صورتحال ۾ بي حسي ۽ غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي:شبلي فراز

اسلام آباد :- سڌ سماءُ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن موجوده صورتحال ۾ بي حسي ۽ غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جاري ۽ شدت اختياري ڪري رهي آهي،هڪ ڏينهن ۾ 89 ماڻهو فوت ٿيا، اسپتالن تي به دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻو پوندو، ريسٽورنٽس، شادي هال ۽ عوامي ميڙاڪن تي پابندي هنئي، صوبن کي آڪسيجن سلينڊر گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر جي احتجاج ۾ عوام لاءِ ڪجهه به ناهي، ذاتي مفادن جي جنگ وڙهي پئي وڃي اسان عوام کي مدي خارج نظام مان ڇوٽڪارو ڏيڻ چاهيون ٿا، اپوزيشن وارا ڪير ٿيندا آهن حڪومت ختم ڪرڻ وارا.هن چيو ته هن وقت اسان حڪومت نه پر ملڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اپوزيشن وٽ عوام لاءِ ڪابه ايجنڊا ناهي کين ٻن سالن کانپوءِ ڌانڌلي ياد آئي آهي.عدالت مان ڀڳل شخص اسان کي ليڪچر ڏئي رهيو آهي ۽ فضل الرحمان اڄ تائين اسلام آباد لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ . هن چيو ته مولانا ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهيو، ته هن ڇا ڪيو؟ وزير اعظم ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا جو معاملو عالمي فورم تي اٿاريو ۽ اپوزيشن جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو ملڪي مفاد ۾ ناهي.  شبلي فراز چيو ته اٽو ۽ کنڊ سستي ٿي رهي آهي، تعميراتي شعبو تيزي سان ترقي پيو ڪري، سيمينٽ ۽ سريي هجي وڪري ۾ واڌ ٿي آهي، عمران خان نه پاڻ ڪرپشن ڪري ٿو ۽ نه ڪنهن کي ڪرپشن ڪرڻ ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن جمهوري حڪومت کي هٽائڻ لاءِ غير جمهوري قدم کڻڻ چاهي ٿي هو پنهنجي مرضي مڙهڻ ٿا چاهن، جلسي جلوسن سان حڪومتون ناهن وينديون هي صرف اين آر او وٺڻ چاهن ٿا.