اپوزيشن ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ چاهي ٿي. حڪومت ڪنهن ڊيل جو حصو ناهي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد:- وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته اپوزيشن ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ چاهي ٿي. حڪومت ڪنهن ڊيل جو حصو ناهي، نه ئي ڪرپشن ڪيسز تي ڪو سمجهوتو ٿيندو، اسان جو واضح بيانيو آهي ته ڪنهن کي اين آر او نه ملندو.تفصيلن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي ۽ اتحادي جماعتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ان جي استعيفيٰ جو مطالبو رد ڪيو يوو. واضح ڪيو ويو ته اسان جي برداشت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڪو به غيرآئيني قدم قبول نه ڪيو ويندو.وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اپوزيشن ملڪ کي انتشار پيدا ڪرڻ چاهي ٿي. حڪومت ڪنهن ڊيل جو حصو ناهي، نه ئي ڪرپشن ڪيسز تي ڪو سمجهوتو ٿيندو.هن چيو ته اسان جو واضح بيانيو آهي ته ڪنهن کي اين آر او نه ملندو. پارٽي ميمبرن حڪومتي بياني کي موثر انداز ۾ عوام تائين پهچائين.وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن جو ڪو به ايجنڊا ناهي، حڪومت صبر ۽ تحمل کان جو مظاهرو ڪري رهي آهي. ملڪ کي ترقي جي پٽڙي تان لهڻ نه ڏينداسين. اپوزيشن جي بياني جو ڀرپور سياسي مقابلو ڪيو ويندو. پارلياماني پارٽي وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي حڪومت قدمن جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. وزيراعظم وزيرن ۽ پارلياماني ميمبرن کي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت به ڪئي.