اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

لاهور :- اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، لاهور جي احتساب عدالت ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ شهباز شريف سوڌو ٻين جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم، ٻڌڻي دوران شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي بڪتربند گاڏي ۾ ويهاري عدالت پهچايو ويو، ڪيس ۾ سلطاني شاهدن جي بيانن جي جون ڪاپيز شهباز شريف سوڌو ٻين جوابدارن حوالي، ٻڌڻي دوران شهباز شريف چيو ته کيس بڪتربند گاڏي ذريعي عدالت نه آندو وڃي، بڪتربند گاڏي ۾ رستي تي ڌڪ لڳن ٿا ۽ چيلهه جو سور وڌي ٿو، سلطاني شاهدن جي بيان ۾ ته منهنجو نالو ئي موجود نه آهي، عدالت شهباز شريف سان مخاطب ٿيندي چيو ته نالو نه آهي ته توهان کي فائدو ٿيندو.