اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي ڊي چوڪ اسلام آباد تي جلسي جي مطالبي تان هٿ کڻي وئي

اسلام آباد:-  اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي ڊي چوڪ اسلام آباد تي جلسي جي مطالبي تان هٿ کڻي وئي ۽ ڪميٽي آزادي مارچ جناح ايونيو تائين آڻڻ جي اجازت گهري ورتي.رپورٽ موجب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ٿينڊڙ ڳالهين جي ٻئين دور ۾ به اڃان تائين ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ ٻئي ڪميٽين پنهنجون پنهنجون تجويزون هڪ ٻئي کي پيش ڪري رهيون آهن پر ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي ڊي چوڪ اسلام آباد تي جلسي جي مطالبي تان هٿ کڻي وئي آهي ۽ هن آزادي مارچ کي جناح ايونيو تائين آڻڻ جي اجزت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي جنهن تي حڪومتي ڪميٽي وزيراعظم عمران خان سان مشاورت ڪئي آهي.