اپوزيشن جي اي پي سي، ڌرڻو جاري رکڻ جو فيصلو، پ پ ۽ ن ليگ پاران ڊي چوڪ وڃڻ جي مخالفت، سڀ متحد آهيون: فضل الرحمان

اسلام آباد:- جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اپوزيشن جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي. مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ان جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ اپوزيشن جي 9 سياسي جماعتن جا قائدين شريڪ ٿيا ۽ آئنده جي لائحه عمل تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اي پي سي ۾ اپوزيشن جماعتن جي گڏيل طور تي احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ايڇ 9 گرائونڊ ۾ مارچ جو قيام اڃا تائين جاري رهندو. اي پي سي ۾ ٿيندڙ فيصلن جو اعلان مولانا فضل الرحمان مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب دوران ڪندو. اي پي سي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جيڪو به فيصلو ڪيو ويندو اهو ملي ڪري ڪيو ويندو. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان اجلاس دوران چيو ته ننڍن مفادن کي عوامي ڏکيائين تي ترجيح نه ڏيو، ڇا حڪمرانن جي خلاف احتجاج صرف جي يو آءِ (ف) جو فيصلو هو؟ توهان سڀئي ملي عوامي حڪمراني جي لاءِ مضبوط، جامع جمعت عملي ٺاهي، عوام جي اکين ۾ ڌوڙ نه وجهو، توهان خلوص دل سان حڪمت عملي ٺاهيو، جي يو آءِ (ف) توهان جي اڳين صفحن ۾ هوندي. خواهش آهي ته سڀئي جمهوري قوتون ملي ڪري ڪردار ادا ڪن. آفتاب احمد شيرپائو، محمود خان اچڪزئي، ميان افتخار اي پي سي ۾ شريڪ ٿيا. مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف شريڪ نه ٿيو، (ن) ليگ جي وفد جي سربراهي قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر سردار اياز صادق ڪئي. بلاول ڀٽو ڏکڻ پنجاب جي دوري سبب اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪئي. پيپلزپارٽي جي طرفان راجا پرويز اشرف، نيئر بخاري، نويد قمر ۽ فرحت الله بابر اي پي سي ۾ شريڪ ٿيا. اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته اسان آئين کان هٽي ڪري ڪا به ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون، انهن حڪمرانن کي وڃڻو پوندو، ان کان گهٽ ڪا به ڳالهه نه ٿيندي ۽ اسان بيٺل آهيون.هن چيو ته متحده اپوزيشن جي يو آءِ (ف) کي اڪيلو نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت جي ڪمزور پاليسين سبب پاڪستان خطي ۾ اڪيلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ اسان کي پاڪستان کي اڪيلائپ مان ڪڍڻو پوندو. هن چيو ته اپوزيشن مخالف سڀئي افواهون اڄ دم ٽوڙي چڪيون آهن. اسان جيڪو آواز بلند ڪيو اهو سڄي قوم جي آواز آهي ۽ اسان مقصد جي حاصلات جي ويجهو ٿي رهيا آهيون، سڄي قيادت چيو آهي ته ان اجتماع جي اٿڻ جو فيصلو گڏيل طور تي ڪنداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي معيشت مڪمل طور تي آءِ ايم ايف جي هٿن ۾ وڃي چڪي آهي ۽ انهن حڪمرانن کي وڌيڪ وقت ڏنو ويو ته پاڪستان وڌيڪ غير مستحڪم ٿيندو ويندو. گذريل هڪ سال کان اسان زوال جي طرف وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته عمران خان چيو هو ته مودي ٻيهر کٽيندو ته ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو، هي مودي کي رحمت سمجهندو هو پر ڪشميري عوام حڪمرانن کان مايوس ٿي چڪو آهي. عمران خان پهرين سليڪٽڊ هو هاڻ ريجيڪٽڊ ٿي ويو آهي ۽ موجوده حڪمرانن جي هوندي حالتون درست نٿيون ٿي سگهن. جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته مذهبي بنياد تي قوم کي تقسيم ڪرڻ مغرب جي سازش آهي، اسان مذهبي سڃاڻپ رکندي به فرقه واريت تي يقين نٿا رکون. هن چيو ته حڪومت ڳالهين واري ڪميٽي ٺاهي موڪلي ته ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ شرط لڳائي مذاڪرات جي ڳالهه ڪئي. مون چيو ته ڳالهيون ته اسان کي ڪرڻيون آهن شرط ته اسان لڳائينداسين، نااهلي حڪومت جي هوندي ڪجهه به نٿو ٿي سگهي.مولانا فضل الرحمان پنهنجي خطاب دوران شرڪت ڪندڙن کان پڇيو ته توهان ٿڪي ته نه پيا آهيو جنهن تي جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙن هٿ مٿي کڻي ڄمي بيهي رهڻ جو اعلان ڪيو.