اُهي 2 ماڻهو ڪير هئا، جيڪي رات جو 4 وڳي آءِ جي سنڌ کي گهر مان کنڀي ويا: بلاول زرداري

ڪراچي : پ پ چيئرمين ڀلاول ڀٽو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض کان آءِ جي سنڌ واري معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. بلاول چيو ته اُهي 2 ماڻهو ڪير هئا، جيڪي رات جو 4 وڳي آءِ جي سنڌ کي گهر مان وٺي ويا، ٻڌايو وڃي ته آءِ جي کي ڪيڏانهن نيو ويو هو؟ بلاول ڀٽو چيو آهي ته رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري واقعي ۾ پوليس آفيسرز جي تذليل ڪئي وئي، ڪي پوليس آفيسرز استعيفائون ڏئي رهيا آهن ته ڪي وري موڪل تي وڃي رهيا آهن، پوليس ۾ ان قسم جي مداخلت برداشت نٿي ڪري سگهجي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته دم آهي ته سنڌ گورنر ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري ڏيکاريو، ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري تي شرمسار آهيان ۽ منهن ڏيکارڻ جهڙو ناهيان رهيو، سڀئي ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن، وڏي وزير طرفان جُڙيل ڪميٽي جي جاچ کي توڙ تائين پهچائينداسين، ڪوئيٽا ۾ جلسي دوران شرڪت نه ڪري سگهيس وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندس