اُمِ رباب ڪيس: سپريم ڪورٽ پاران ملڪيتون ضبط ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد :- سُپريم ڪورٽ اُمِ رباب جي ٽن ڀاتين جو قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ پوليس کي جوابدار گرفتار ڪري چئن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جوابدار پاڪستان ۾ موجود آهن، پوءِ گرفتار ڇو نه ٿيا؟ ڊي آءِ جي حيدرآباد عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ بلوچستان حڪومت کي خط لکيو، اُن جو جواب نه آيو آهي، عدالت ايف سي کي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مدد جي هدايت ڪري، عدالت فرنٽيئر ڪور کي به جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنڌ پوليس جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي