اي سنڌ توکي الوداع: ليکڪ تاج جويو

جڏهن شيخ اياز  هي الوداعي  گيت لکيو هو ته

اي سنڌ! توکي الوداع

اي هند! توکي الوداع

تو ۾ هيو سارو جڳت

اي جند! توکي الوداع

تڏهن  کيس خبر نه هئي سندس وڇوڙي واري ڏينهن سنڌي ادبي سنگت  سنڌ جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ جيڪا تعزيتي تقريب ۾ تبديل  ٿي وئي هئي جيجي زرينه بلوچ سندس اهو ڪلام ڳائيندي ۽ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ موجود سندس  مداحن ۽ عاشقن  کي اوڇنگارون  ڏياري وجهندي. ساڳي ريت جڏهن اياز جي راڳي صادق فقير اياز جو مٿيون الوداعي گيت ڳاتو هو ته هن ڪڏهن به اهو نه سوچيو هوندو ته جڏهن سندس مڙهه مڪي مان موٽندو ته اهو گيت سندس  ڪُمهلي وڇوڙي جو ورالاپ بڻجي ويندو! صادق فقير سنڌ جو ٻيڄل ۽ ٻاٻيهو هو جنهن کي  منهنجو دوست سائين عبدالواحڊ آريسر سنڌ جو  وڪٽر هارا سڏيندو هو، ان کي ڪن دوستن پنهنجي تحريرن  ۾ سنڌ جو تانسين سڏيو آهي تانسين  پنهنجي دور جو تمام وڏو گويو ۽ موسيقار هو  اڪبر اعظم جي درٻار جو گويو هو ۽ سندس نون رتنن ۾ شمار ٿيندو هو. ان جڏهن هڪ ڀيري اڪبر جي درٻار ۾ راڳ “ڪانڙيو”ڳايو هو ته اڪبر کي اهو سُر ايڏو ته وڻيو هو جو هن ان کي پنهنجي درٻار جو راڳ قرار ڏنو ۽ ان ڏينهن کان وٺي اها راڳڻي ئي درٻاري سڏي وئي.  اسان جو يار صادق سنڌ جو سادو سودو راڳي هو پر قدرت کيس حسين آواز ۽ سُر جي لازوال نعمت سان نوازيو هو. هو جيتوڻيڪ تانسين جيڏو راڳي  ۽ موسيقار نه هو پر درٻاري راڳي به نه هو. هي سنڌ جي ماڻهن جو راڳي هو ڪنهن بادشاهه يا وقت جي حاڪم  جي درٻار جو راڳي نه هو پر ماڻهن جي دلين جي درٻار  جو راڳي هو.  هو جڏهن  ڪنهن محفل ۾ ايندو هو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي دلين جا دروازا کولي سندس آجيان ڪندا هئا. اهڙي ريت جڏهن  وٽس مٺي ۾ دوست ايندا هئا ته هن جي دل جو دُئار به سندس آجيان لاءِ هميشه کليل هوندوهو.

ڪڏهن به توتي دئار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ

ٻه لڙڪ آلا ڪڏهن به هوندا متان چئين آجيان نه ٿيندي

صادق فقير جو خمير ۽ ضمير مُرڪ ۽ ماڻهپي  جي مٽيءَ مان جُڙيل هو، هن جي چپن تي هر وقت  مرڪ هوندي هئي هن جي ماڻهپي جا مثال جيترا پيش ڪجن ٿورا آهن.

صادق امر جگديش هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندو هو. هڪ ڀيري هن کي HST جي پوسٽ جا ڪاغذ صحيح ڪرائڻا هئا ۽ مون سان گڏ اسڪول هليو هو، ان وقت ڪجهه ڏينهن موڪل تي هو پر جيئن اسڪول ۾ داخل ٿيو ته استاد ته وڌي اچي ساڻس مليا  پر شاگرد به ڪلاس ڇڏي وٽس هليا آيا کيس سلام ڪرڻ ۽ ساڻس هٿ ملائڻ. اهو سندس ماڻهپي ۽ ٻارن سان پيار جو ننڍڙو مثال  هو، هو ٻه چار ڏينهن موڪل  تي هو  ته ٻارڙا ڄڻ اُٻاڻڪا ٿي پيا هئا. صادق راڳ جي دنيا ۾، فن جي دنيا ۾ نمبر گيم کان پري هو، هو ٻين راڳين  وانگر ايئن نه ڪندو هو ته اسٽيج تي ويٺو ته ڇٽو، پر هو ٻين جو خيال ڪندو هو ٻه ٽي ڪلام ڳائي چوندو هو ته ٻيا به دوست ويٺا آهن اُهي به ڳائيندا

صادق شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر جو پسنديده فنڪار هو

شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا “ڪٿي نه پڇبو ٿڪ مسافر” جي جلد چوٿين ۾ لکيو آهي “جڏهن منهنجي آجيان ۾ شيما ڪرماڻي منهنجي نظم “هي گيت اڃايل مورن جا” تي ڀارت نٽيم ناچ ڪيو هو تڏهن  ڀارت جو مشهور سنڌي شاعر لڇمڻ ڪومل موجود هو جو ڪراچي ۾ ٽرانزٽ ويزا تي ترسيل  هو،  ان کان پوءِ ٿري ڳائڻن منهنجا گيت ڳاتا ها هڪ ڳائڻي صادق فقير کي مشهور آمريڪي ڳائڻي “پال رابنسن” جو آواز هو. ڪجهه وقت  اڳ فقير محمد لاشاري جي ورسي ملهائي وئي هئي جتي به هن (صادق) مون کي ڪلاڪ  کن ڳاتو هو. هن کي ٻڌي مون کي محسوس  ٿيو ته ڪيترو وقت آءُ جنهن  ڳائڻي جي تلاش ۾ رهيو آهيان مون کي اهو ملي ويو آهي. هو مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي گهٽ ڳائيندو آهي منهنجي شاعري  هڪ اندروني  ترنم آهي ۽ مان ان تي ئي اڪتفا ڪندو هوس. زندگي ۾پهريون ڀيرو مون محسوس  ڪيو ته هڪ موثر آواز  منهنجي شاعري لاءِ ڪيترو نه ضروري آهي.

هڪ ڀيري  مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري جي خوبصورت آڊيٽوريم  ۾ صادق فقير ڳائي رهيو هو اڳين  قطار  ۾ آءُ ۽ آريسر  به کيس ڌيان سان ٻڌي رهيا هئاسون. جيئن ئي صادق پهريون ڪلام  پورو ڪيو ته آريسر کيس شيخ اياز جو گيت “سکي  پيا کي ملين ته چئجان!” ڳائڻ لاءِ  چيو ته  ان تي پروگرام جي آرگنائيزر اسان ٻنهي جي دوست ناز سهتي وچ ۾ مداخلت ڪندي چيو ته  اهو ڪلام صادق نه ڳائيندو ( ڇو ته ناز شايد کانئس  مخصوص ڪلام رڪارڊ ڪرائي  رهيو هو) آريسر ۽ آءُ چپ چاپ اُٿي وياسون  اڃان ٻاهرئين دروازي وٽ مس پهتاسين ته صادق  فقير ڀڄندو آيو، آريسر صاحب  کي ٻانهن  مان وٺي اچي اڳي قطار ۾ ساڳئي هنڌ  ويهاريائين  ۽ اياز جو گيت ڳائڻ شروع ڪيائين  ۽ ناز جو نادري حڪم رد ڪري ڇڏيائين.

سکي! پيا کي ملين ته چئجان چاندني  تو سوا نه ٿيندي

اچي ته منهنجي اُماس  ۾ آ ڇو ته ٻي رات ڪا نه ٿيندي

صادق سراپا عشق هو، هن جو مٺي سان عشق هو، مٺي جي مٺن ماڻهن سان عشق هو، هن جو يارن دوستن سان عشق هو، هن جو حسن ۽ سنگيت سان عشق هو، هن جو ڀٽائي ۽ اياز سان عشق هو، هن جو ڀٽائي ۽ اياز جي سنڌ سان عشق هو جيڪا سنڌ حسين ته هئي پر ڀٽائي ۽ اياز جي شاعري ۾ اچي وڌيڪ حسين ۽ وڌيڪ صورتوند بڻجي وئي هئي.

ڪجهه شاهه ڏني، ڪجهه شيخ ڏني

هن سنڌڙي کي صورت لوڪو

جيئن ڀٽائي ۽ اياز جي شاعري جو محرڪ جذبو  عشق آهي جيڪو انسان  جو سڀ کان اعليٰ  جذبو آهي تيئن صادق جي گائيڪي جو محرڪ جذبو  به عشق هو ۽ هن جو سنگيت سان عشق گر ،تار ،مينڍ ۽ مرڪ  کان مٿانهون هو. صادق  چوندو هو ته  هو وڏو راڳي  ۽ موسيقار  نه آهي پر اسان سڀ  ڄاڻون ٿا ته هن کي سنگيت سان عشق  هو   ۽ ان عشق هن  کي راڳ جي اعليٰ  مقام تي پڄائي ڇڏيو هو،  جيڪو  مقام هر فنڪار  کي حاصل ٿيڻ محال آهي

حافظ  شيرازي ڇا نه خوب چيو آهي

هر گز مير وآنکه  دلس زندهه شد به عشق

ثبت است بر جريده عالم دوا م ما!

( اهو هر گز نه مرندو جنهن جي دل عشق زنده ڪئي آهي ۽ عالم جي ڪتاب ۾ اسان جو دوام  لکيل آهي)

صادق، سنگيت جي جيڪا  شمع ٻاري ويو آهي اها وسامڻي نه آهي نزاڪت ۽ راحت جي صورت  ۾ اها شمع  مجسم صادق بڻجي  ٻرندي رهندي، روشني ڏيندي رهندي

لائي جو ويا، سو منجهيئي ٿو مچ ٻري

سو اُجهامي ڪئا، جنهن سوريندڙ سُپرين!(شاهه)