ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ وارو مامرو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن ٽن ڏينهن لاءِ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

حيدرآباد : ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ وارو مامرو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن ٽن ڏينهن لاءِ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ميان تاج ڪيريو جو چوڻ آهي ته مهيني کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري بازياب ناهي ٿي سگهيو، اڄ کان ڇنڇر تائين سيشن ڪورٽ، سول ڪورٽس ۽ ماتحت عدالتن جي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.